راولپنڊي - 14 مئي (اي پي پي) اطلاعات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري پوٺوهار ٽائون جي علائقي شاهه خالد ڪالوني ۾ حفاظتي ٽُڪن بابت توسيعي پروگرام (اي پي آءِ) جي نئين ويڪسي نيشن مرڪز جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر (ايڇ آر ايم) ڊاڪٽر حسين شاهه ترمذي سميت صحت کاتي جا ٻيا اعلى عملدار پڻ موجود هئا. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بئريسٽر دانيال چوڌري …
اطلاعات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري پاران پوٺوهار ٽائون جي علائقي شاهه خالد ڪالوني ۾ نئين ويڪسي نيشن مرڪز جو افتتاح

مزید خبریں
راولپنڊي – 14 مئي (اي پي پي) اطلاعات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري پوٺوهار ٽائون جي علائقي شاهه خالد ڪالوني ۾ حفاظتي ٽُڪن بابت توسيعي پروگرام (اي پي آءِ) جي نئين ويڪسي نيشن مرڪز جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر (ايڇ آر ايم) ڊاڪٽر حسين شاهه ترمذي سميت صحت کاتي جا ٻيا اعلى عملدار پڻ موجود هئا. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته ٻارن کي موذي مرضن کان محفوظ رکڻ جي لاءِ وقت سر ويڪسي نيشن انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته حڪومت عوام کي معياري طبي سهولتن جي فراهمي ۽ حفاظتي ٽُڪن جي پهچ بهتر بڻائڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن اي پي آءِ عملي ۽ صحت کاتي جي ٽيمن جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته طبي عملو قومي صحت جي تحفظ ۾ قابل قدر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. صحت کاتي جي عملدارن موجب نئون ويڪسي نيشن مرڪز قائم ٿيڻ سان علائقي ۾ معمول جي حفاظتي ٽُڪن جي انگ ۾ اضافو ٿيندو جڏهن ته مقامي آبادي کي بهتر طبي سهولتون پڻ ملنديون.











