اسلام آباد- 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مُلڪ ۾ وڌيندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي هائوسنگ واري شعبي ۾ سُڌارن کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏيندي چيو آهي ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ رهائش جي فراهمي، سستن گهرن جي منصوبن سميت نجي شعبي جي حوصلا افزائي ۽ عوامي سهولتن جي بهتري اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، شعبي ۾ شفافيت جي فروغ لاءِ سڀني …
گهٽ آمدني وارن لاءِ رهائش جي فراهمي، سستن گهرن جي منصوبن سميت نجي شعبي جي حوصلا افزائي ۽ عوامي سهولتن جي بهتري ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مُلڪ ۾ وڌيندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي هائوسنگ واري شعبي ۾ سُڌارن کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏيندي چيو آهي ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ رهائش جي فراهمي، سستن گهرن جي منصوبن سميت نجي شعبي جي حوصلا افزائي ۽ عوامي سهولتن جي بهتري اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، شعبي ۾ شفافيت جي فروغ لاءِ سڀني معاملن کي ڊيجيٽائز ۽ خودڪار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف هائوسنگ شعبي ۾ سڌارن بابت هڪ جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده، گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي بين الصوبائي لاڳاپن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري، ناڻي ۽ ريلوي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد بٽ، اٽارني جنرل منصور اعواڻ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي هائوسنگ شعبي ۾ سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهن. وڌندڙ آبادي ۽ بي قابو شهري پکيڙ جي ڪري زرعي زمين تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، جنهن لاءِ مناسب حڪمت عملي اڻٽر آهي. هن چيو ته هائوسنگ جي شعبي ۾ سڀني معاملن کي ڊجيٽائز ۽ خودڪار بڻايو ويندو ته جيئن شفافيت کي فروغ ملي. هائوسنگ جي شعبي ۾ ٻاهرين مُلڪ سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ لاءِ، ان شعبي کي ضابطن جي دائري ۾ آڻڻ ضروري آهي. اجلاس دوران هائوسنگ شعبي ۾ سڌارن بابت تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ويو ته هائوسنگ شعبي ۾ شفافيت آڻڻ جي حوالي سان قابل اعتماد سيڙپڪارن ۽ ڊولپرز کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان ريگيوليٽري فريم ورڪ کي آسان بڻايو ويندو. اڏاوتن ۽ ترقي واري شعبي ۾ ڪم ڪندڙن جي لاءِ ايس اي سي پي مان رجسٽريشن لازمي قرار ڏيڻ گهُرجي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شهرن جي بي ترتيب پکيڙ کي روڪڻ جي حوالي سان به حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. وڏن شهرن ۾ اونچين عمارتن ۽ عمودي پکيڙ جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وڏن شهرن لاءِ ماسٽر ٽائون پلاننگ جي تجويز ڏيندي چيو ويو ته ڊولپرز، خريدارن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌُرين جي حقن جي تحفظ لاءِ ون ونڊو سسٽم قائم ڪرڻ گهُرجي. وزيراعظم انهن تجويزن جي حوالي سان صوبن سان مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪئي.











