اسلام آباد- 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ وارن سڀني هيروز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ايٽمي طاقت قيامت تائين اسان جو دفاعي اثاثو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو هن پروگرام جو باني هو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 10 مئي تي پوري قوم معرڪه حق جي سالگرهه باوقار انداز ۾ ملهائي. الله …
وزيراعظم پاران ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ وارن هيروز کي خراج تحسين پيش، پاڪستان جي ايٽمي طاقت قيامت تائين اسان جو دفاعي اثاثو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو هن پروگرام جو باني هو: محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ وارن سڀني هيروز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ايٽمي طاقت قيامت تائين اسان جو دفاعي اثاثو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو هن پروگرام جو باني هو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 10 مئي تي پوري قوم معرڪه حق جي سالگرهه باوقار انداز ۾ ملهائي. الله تعاليٰ پنهنجي ڪرم سان پاڪستان کي اها فتح، عزت ۽ وقار عطا ڪيو جيڪو قومي ٻڌي، اتحاد ۽ اتفاق جو نتيجو هو. پُوري قوم هن جنگ هڪ جان ٻه جسم هئي. پاڪستان جي هٿياربند فوج اهڙي بهادري سان دشمن کي اهڙو سبق سيکاريو جيڪو اُن کي قيامت تائين ياد رهندو. هاڻي 28 مئي ويجهو اچي رهي آهي. تاريخ هن ڏينهن کي سدائين ياد رکندي. پاڪستان جو ايٽمي پروگرام قيامت تائين ان جو دفاعي اثاثو رهندو. هن چيو ته پاڪستان جي سدائين اها سوچ ۽ قومي بيانيو رهيو آهي ته اسان جو ايٽمي پروگرام دفاعي مقصدن لاءِ آهي، جارحيت لاءِ نه آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو دنيا اڄ پاڪستان کي هڪ ذميوار ايٽمي طاقت طور ڄاڻي ٿي. هن ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ وارن سائنسدانن، سياستدانن، ادارن ۽ حڪومتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو هن پروگرام جو باني هو ۽ منهنجو اڳواڻ نواز شريف ان کي ان جي نتيجي تي پهچايو. وزيراعظم هن حوالي سان سڀني هيروز کي سلام پيش ڪندي چيو ته پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ کانپوءِ، هاڻي اسان کي هڪ معاشي طاقت بڻجڻو آهي جنهن لاءِ اسان ڏينهن رات هڪ ٽيم جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ انهن ڪوششن جا نتيجا آهستي آهستي سامهون اچي رهيا آهن. هي هڪ ڏکيو ۽ ڊگهو سفر آهي، پر جيڪي قومون مشڪلاتن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪري وٺن ٿيُون ته ڪاميابي انهن جو مقدر بڻجي وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ جنگ جي ڪري سڀني معيشتن کي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن وقت عارضي جنگ بندي آهي. پاڪستان ۾ صورتحال خطي جي ٻين ملڪن کان بهتر رهي آهي. هتي اهڙيون قطارون نه لڳيُون. سڀني گڏجي صورتحال کي بهتر طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ ڪم ڪيو. وزيراعظم دهشتگرد کي روڪيندي پنهنجي جان ڏيندڙ ريلوي ملازم لياقت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اهي قوم جا هيروز آهن. دهشتگردي خلاف جيڪي قربانيون پاڪستان جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ شهري ڏيئي رهيا آهن دنيا جي تاريخ ۾ انهن جو مثال نٿو ملي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ شهيدن لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي.











