وهيل چيئر کان وٺي ايم آر آءِ مشين تائين طبي اوزارن جي رجسٽريشن هاڻ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿي رهي آهي: سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پهرين وهيل چيئر کان وٺي ايم آر آءِ مشين تائين طبي اوزارن جي رجسٽريشن ۾ ڊگهو وقت گهربل هوندو هو، جڏهن ته تازن سڌارن جي نتيجي ۾ هاڻ اهو عمل ڪجهه ڏينهن، يعني اٽڪل 20 ڏينهن ۾ مڪمل ٿي رهيو آهي. اهڙو اظهار هن ايبٽ ليبارٽري جي عالمي وفد سان ملاقات دوران …

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پهرين وهيل چيئر کان وٺي ايم آر آءِ مشين تائين طبي اوزارن جي رجسٽريشن ۾ ڊگهو وقت گهربل هوندو هو، جڏهن ته تازن سڌارن جي نتيجي ۾ هاڻ اهو عمل ڪجهه ڏينهن، يعني اٽڪل 20 ڏينهن ۾ مڪمل ٿي رهيو آهي. اهڙو اظهار هن ايبٽ ليبارٽري جي عالمي وفد سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن ۾ صحت جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار، سيڙپڪاري ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران صحت واري وزارت طرفان ميڊيڪل ڊوائيسز جي رجسٽريشن جي عمل کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي قدمن کي ساراهيو ويو. وفد پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ جاري حڪومتي قدمن جي به تعريف ڪئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ هڪ جامع پروگرام جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو پائليٽ مرحلو اڄ اسلام آباد ۾ شروع ڪيو ويو. سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته موجوده نظام صحت کي علاج تي ٻَڌل ماڊل کان احتياطي تدبيرون ۽ بيمارين جي روڪٿام طرف منتقل ڪيو پيو وڃي. هن ٻُڌايو ته ٻارن کي 13 خطرناڪ بيمارين کان بچاءُ لاءِ مفت ويڪسين فراهم ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته 2030ع تائين عالمي فنڊنگ جي امڪاني خاتمي کي نظر ۾ رکندي ملڪ ۾ ويڪسين جي مقامي پيداوار تي تيزيءَ سان ڪم جاري آهي. ان موقعي تي عالمي وفد پاڪستان ۾ ويڪسين جي پيداوار ۽ ڪچي مال جي تياريءَ جي شعبي ۾ سهڪار ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو.