اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ سمورن صوبن ۽ ملڪ جي بقا جي جنگ آهي، پاڪستان خلاف جنگ ڪابل حڪومت ذريعي وڙهي پئي وڃي، پاڪستان جي حوالي سان هن وقت دهلي ۽ ڪابل ۾ ڪو فرق ناهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج بلتستان کان وٺي گوادر تائين پاڪستان لاءِ شهادتون ڏئي رهي آهي. قومي اسيمبليءَ اجلاس ۾ …
دهشتگرديءَ خلاف جنگ سمورن صوبن ۽ ملڪ جي بقا جي جنگ آهي، پاڪستان خلاف جنگ ڪابل حڪومت ذريعي وڙهي پئي وڃي: خواجه محمد آصف

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ سمورن صوبن ۽ ملڪ جي بقا جي جنگ آهي، پاڪستان خلاف جنگ ڪابل حڪومت ذريعي وڙهي پئي وڃي، پاڪستان جي حوالي سان هن وقت دهلي ۽ ڪابل ۾ ڪو فرق ناهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج بلتستان کان وٺي گوادر تائين پاڪستان لاءِ شهادتون ڏئي رهي آهي. قومي اسيمبليءَ اجلاس ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن پاران اُٿاريل نُقطن جو جواب ڏيندي بچاءُ واري وفاقي وزير چيو ته اها سٺي ڳالهه آهي ته هن وقت دهشتگرديءَ جي معاملي تي وفاق، ڪي پي ڪي حڪومت سان گڏ آهي، اسان جو نقصان هڪ آهي، پاڪستان ڪابل حڪومت سان ڊگهيون ڳالهيون ڪيون آهن پر هو پنهنجي ڌرتي کي پاڪستان خلاف استعمال نه ڪرڻ جي حوالي سان ڪنهن قسم جي لکت واري سهڪار لاءِ تيار ناهي. هن وقت افغانستان جي حڪومت ڀارت ۽ هندو پرست پراڪسي بڻجي وئي آهي، حق جي ويڙهه ۾ شڪست کان پوءِ ڀارت هاڻي الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان خلاف سڌيءَ ريت تڪرار جي جرائت نه ڪندو، هاڻ پاڪستان خلاف سڄي جنگ ڪابل حڪومت ذريعي وڙهي پئي وڃي. بچاءُ واري وزير چيو ته افغانستان جي پُٺڀرائي ۽ سهولتڪاريءَ سان پاڪستان جي ڌرتي تي دهشتگردي ٿي رهي آهي، ان ماحول باوجود پاڪستان افغانستان سان سوال جواب ۽ ڳالهيون ڪيون، جنهن جو ڪو نتيجو نه نڪتو. هن چيو ته ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ٽئين ملڪ ذريعي رابطي جي ڪوشش ٿي رهي هجي، اسان ان حوالي سان حتمي ڳالهه نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته دهشتگرديءَ جي معاملي تي ڊگهي عرصي تائين اسان کي ڪي پي ڪي حڪومت جو سهڪار ميسر نه هو جڏهن ته هاڻ هي سهڪار فراهم ڪيو پيو وڃي، اها سٺي ڳالهه آهي ته دهشتگرديءَ خلاف سڀ هڪ پيج تي هجن. بچاءُ واري وزير چيو ته پاڪستان پوري ديانتداريءَ سان ٽن ملڪن ترڪيه، قطر ۽ سعودي عرب ذريعي ڪوششون ڪيون آهن ۽ منٿون ڪيون آهن ته دهشتگردن جي پُٺڀرائي نه ڪئي وڃي، دهشتگردن جي ٺڪاڻڻ، ڪيمپن کي ختم ڪيو وڃي ۽ سندن سهولتڪاري جو سلسلو روڪيو وڃي پر هو ان ڳالهه طرف نٿا اچن، ان جو هڪ ئي مطلب نڪري ٿو ته پريشان ٿي جنگ لاءِ لاءِ تيار ٿي وڃي، پوءِ ته جنگ ئي ٿيندي، چاهي اوڀر سرحد هجي يا اولهه سرحد، هڪ ئي دشمن ويٺو آهي ۽ ان ۾ ڪو فرق ناهي، هن وقت دهلي ۽ ڪابل ۾ ڪو فرق ناهي، اسان جي خواهش ضرور آهي ته اها ڌُر هجي ۽ هو اسان سان ڳالهيون ڪري ۽ اهڙا انتظام ڪيا وڃن جنهن سان دهشتگردي جو خاتمو ٿي سگهي، پر جيڪڏهن هو ان لاءِ تيار ناهن ته جيڪو دهلي سان ڪيو اهوئي ڪابل سان به ٿيندو. هن چيو ته دهشتگرديءَ جي موضوع تي جيڪڏهن ايوان ۾ ڳالهيون ٿين ٿيون ته ان لاءِ وقت مقرر ڪري سگهجي ٿو. بچاءُ واري وزير چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج بلتستان کان وٺي گوادر تائين پاڪستان لاءِ شهادتون ڏئي رهي آهي، سياسي فائدي لاءِ نه پر پاڪستان لاءِ ڳالهيون هئڻ گهرجن. هن چيو ته ڪالهه هڪ ليفٽيننٽ ڪرنل شهيد ٿيو آهي، فوج جي سُڃاڻپ پاڪستان آهي، ٽي مهينا پهرين تائين ڪي پي ڪي حڪومت طرفان دهشتگرديءَ تي ڪو سهڪار فراهم نه ڪيو ويو، مخالف ڌُر جي ميمبرن کي حق جي ويڙهه جي تقريبن جون دعوتون ڏنيون ويون پر ڪوبه شريڪ نه ٿيو. بچاءُ واري وزير چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ پاڪستان، سمورن صوبن ۽ ملڪ جي بقا جي جنگ آهي، هن ايوان سان صوبائيت جي نالي آواز اُٿاريا ويندا ته اهو درست ناهي، هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سُڃاڻپ صرف پاڪستان آهي.











