آءِ بي آءِ پاڪستان ڊجيٽل اڪانومي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ نئين اقتصادي ويزن ۽ ڀائيواريءَ جي علامت آهي: هارون اختر خان

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان چيو آهي ته آءِ بي آءِ پاڪستان ڊجيٽل اڪانومي صرف هڪ آفيس ناهي پر پاڪستان ۽ چين وچ ۾ نئين اقتصادي ويزن ۽ ڀائيواريءَ جي علامت آهي. آءِ بي آءِ پاڪستان ڊجيٽل اڪانومي هيڊڪوارٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ چين گڏجي خطي جي ڊجيٽل ۽ معاشي مستقبل …

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان چيو آهي ته آءِ بي آءِ پاڪستان ڊجيٽل اڪانومي صرف هڪ آفيس ناهي پر پاڪستان ۽ چين وچ ۾ نئين اقتصادي ويزن ۽ ڀائيواريءَ جي علامت آهي. آءِ بي آءِ پاڪستان ڊجيٽل اڪانومي هيڊڪوارٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ چين گڏجي خطي جي ڊجيٽل ۽ معاشي مستقبل کي نئون رُخ ڏئي رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي دوستي اعتماد، مستقل مزاجي ۽ گڏيل ويزن تي قائم لازوال رشتو آهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان معاشي استحڪام، سڌارن ۽ عالمي اعتماد جي بحاليءَ طرف گامزن آهي. هن چيو ته پاڪستان جنگ جو ميدان نه پر خطي ۾ استحڪام جو مضبوط قلعو آهي، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي دانشمنداڻي قيادت خطي کي وڏي بحران کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته دنيا جي معيشت تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي، جيڪي ملڪ ڊجيٽلائيزيشن کان پري آهن اهي عالمي معيشت ۾ پوئتي رهجي ويندا. سندس مطابق پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت، اِي ڪامرس، آٽوميشن ۽ ڊجيٽل ڪنيڪٽوٽي ذريعي نئين صنعتي تبديلي آندي پئي وڃي. هن چيو ته نيشنل انڊسٽريل پاليسيءَ تحت صنعتن جي بحالي، ويليو ايڊيشن ۽ نجي شعبي کي هٿي وٺرائڻ تي ڪم جاري آهي، جڏهن ته نيشنل ٽيرف پاليسيءَ ذريعي ڪاروباري لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ سيڙپڪار دوست ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي. هن ٻُڌايو ته ريگيوليٽري گيلوٽين ذريعي غير ضروري رڪاوٽون ختم ۽ منظورين جي نظام کي ڊجيٽل ۽ آسان بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته چين جي ٽيڪنالاجي ۽ مينيوفيڪچرنگ مهارت، پاڪستان جي جاگرافيائي اهميت ۽ نوجوان آباديءَ سان گڏجي هڪ طاقتور اقتصادي ڀائيواري جوڙي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان گهٽ مُدي واري نه پر ڊگهي مُدي واري انقلابي ڀائيوارين جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۽ چين صرف منصوبا نٿا بڻائين پر امڪانن، روزگار ۽ خوشحاليءَ جو بنياد رکن ٿا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته آءِ بي آءِ پاڪستان ڊجيٽل اڪانومي واپار، سيڙپڪاري ۽ ڊجيٽل تبديليءَ لاءِ مضبوط پليٽ فارم ثابت ٿيندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان تبديلي، جدت ۽ نوجوانن ۾ سيڙپڪاريءَ ذريعي مستقبل کي اعتماد سان اختيار ڪري رهيو آهي.