وفاقي وزير احد چيما جي صدارت هيٺ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايندڙ وفاقي بجيٽ لاءِ تجويز ڪيل ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. انهن قدمن جو مقصد ٽيڪس جي فرق کي گهٽ ڪرڻ ۽ محصولن جي وصوليءَ ۾ واڌ ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، صنعت …

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايندڙ وفاقي بجيٽ لاءِ تجويز ڪيل ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. انهن قدمن جو مقصد ٽيڪس جي فرق کي گهٽ ڪرڻ ۽ محصولن جي وصوليءَ ۾ واڌ ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، صنعت ۽ پيداوار وارو صلاحڪار هارون اختر خان، ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، ايف بي آر جو چيئرمين راشد محمود لنگڙيال، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ايف بي آر جي ٽيم انڊر رپورٽنگ، نان رپورٽنگ، انڊر انوائسنگ، ٽيڪس چوري ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ بجيٽ ۾ شامل ٿيندڙ مختلف تجويزن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. شرڪت ڪندڙن ٽيڪنالاجي ذريعي شفافيت، دستاويز سازي ۽ لاڳو ڪرڻ کي بهتر بنائڻ بابت ڪيترين ئي تجويزن جو جائزو ورتو. غور هيٺ اهم تجويزن ۾ ٽيڪس گوشوارن ۾ غلط ڊيٽا جي نشاندهي، انڊر رپورٽنگ جي نگرانيءَ کي مضبوط بنائڻ ۽ ٽيڪس چوري روڪڻ لاءِ ڊجيٽل مانيٽنگ مڪينزم ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل سسٽم متعارف ڪرائڻ تي غور ڪيو ويو. ان کان علاوه ڪسٽمز عملدارن طرفان ضبط ڪيل سامان جي وِڪري ۾ شفافيت ۽ ڪارڪردگي کي يقيني بنائڻ لاءِ اِي آڪشن (اليڪٽرانڪ نيلامي) سسٽم متعارف ڪرائڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير احد چيما ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت معاشي ترقيءَ کي نظر ۾ رکندي ٽيڪس سڌارا لاڳو ڪندي، ڇاڪاڻ ته هو ڪاروباري ماحول ۾ رڪاوٽون پيدا نٿا ڪرڻ چاهين. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت هڪ اهڙي ٽيڪس نظام جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، جنهن ۾ انساني مداخلت گهٽ کان گهٽ ٿئي. سمورن شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو ته حڪومت ٽيڪس سڌارن ذريعي ڪاروبار دوست ماحول کي يقيني بڻائيندي ۽ معاشي ترقيءَ کي هٿي وٺرائيندي. ان کان علاوه اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته ڊجيٽل طور تي پاڻڀرو نظام ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل حل هڪ تعميري قدم ثابت ٿيندا. آخر ۾ وفاقي وزير، ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته هو ڄاڻايل قدمن کي وڌيڪ بهتر بنائين ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته سمورا سڌارا عملي، ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل ۽ اثرائتا نتيجا فراهم ڪرڻ جا گهرجائو هجن.