پاڪستان جي معاشي خودمختياريءَ جو ڀاڙڻ روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ تي آهي، روانگي واپار ۾ واڌ کي قومي ايمرجنسي طور تي وٺڻو پوندو: احسن اقبال

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته مالي سال 26-2025ع جي پهرين 8 مهينن دوران پاڪستان جي معيشت ۾ گهٽ ناڻي واڌ، وڏين صنعتن جي بحالي، ڏي وٺ جي شرح ۾ استحڪام، اسٽاڪ مارڪيٽ جي رڪارڊ ڪارڪردگي، پي ايس ڊي پي جي اثرائتي استعمال ۽ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي …

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته مالي سال 26-2025ع جي پهرين 8 مهينن دوران پاڪستان جي معيشت ۾ گهٽ ناڻي واڌ، وڏين صنعتن جي بحالي، ڏي وٺ جي شرح ۾ استحڪام، اسٽاڪ مارڪيٽ جي رڪارڊ ڪارڪردگي، پي ايس ڊي پي جي اثرائتي استعمال ۽ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. وزارت جي ماهوار ترقياتي رپورٽ جي جاري ڪرڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مئي 2025ع کان باقاعدگيءَ سان جاري ماهوار ترقياتي اپ ڊيٽ مسلسل ڇپائيءَ جو هڪ سال مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ هاڻ اها معاشي ۽ ترقياتي پاليسي سازيءَ لاءِ هڪ تصديق ٿيل حوالو بڻجي چڪو آهي. احسن اقبال چيو ته وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار پاڪستان جي معيشت لاءِ هڪ وڏو پرڏيهي خطرو بڻجي سامهون آيو آهي، جنهن سبب عالمي سطح تي تيل جي قيمتن، آمدني واپار ۽ مهانگائيءَ ۾ واڌ ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته مارچ 2026ع ۾ مهانگائيءَ جي شرح 7.3 سيڪڙو هئي، جيڪا اپريل ۾ وڌي 10.9 سيڪڙو تائين پهچي وئي جڏهن ته جولاءِ کان فيبروري دوران سراسري مهانگائي 5.5 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن وچ اوڀر تڪرار نه ٿيو ته پاڪستان جي معاشي ترقيءَ جي شرح 4 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي. سندس مطابق آءِ ايم ايف به عالمي اقتصادي اؤسر جي شرح 2026ع ۾ 3.1 سيڪڙو رهڻ ۽ عالمي ناڻي واڌ 4.4 سيڪڙو تائين وڌڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته لارج اسڪيل مينيوفيڪچرنگ جي 22 مان 15 شعبن هاڪاري ترقي رڪارڊ ڪئي، جڏهن ته مجموعي صنعتي پيداوار ۾ 6.5 سيڪڙو واڌ ٿي. آٽوموبائل شعبي جي پيداوار ۾ 61.66 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته برقي اوزارن، خوراڪ، شربتن، ريڊي ميڊ ۽ غير معدني شين جي پيداوار ۾ به نمايان واڌ ڏٺي وئي. هن چيو ته جولاءِ کان اپريل تائين ايف بي آر جون وصوليون 10.3 کرب رپين تائين پهچي ويون، جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 10.3 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ان عرصي دوران پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻو 8.5 سيڪڙو واڌ سان 33.9 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو، جڏهن ته وچ اوڀر جي صورتحال آئينده مهينن ۾ ان شعبي لاءِ خطرا پيدا ڪري سگهي ٿي. احسن اقبال موجب مالي سال 26-2025ع ۾ پاڪستان جي معاشي ترقيءَ جو ڪاٿو 3.7 سيڪڙو، جڏهن ته زرعي شعبي جي عارضي اؤسر جي شرح 2.89 سيڪڙو، صنعتي شعبي جي 3.51 سيڪڙو ۽ سروسز سيڪٽر جي 4.09 سيڪڙو رهي. هن ٻُڌايو ته اڏاوتي شعبي ۾ 5.73 سيڪڙو اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪڻڪ، چانور ۽ ڪمند جي پيداوار ۾ به اضافو ٿيو. هن چيو ته مالي سال 26-2025ع ۾ پاڪستان جي معيشت جو ڪاٿو 452.1 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته في ڪس آمدني 1901 ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي. وفاقي وزير زور ڀريو ته پاڪستان جي معاشي خودمختياري جو ڀاڙڻ روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ تي آهي ۽ روانگي واپار ۾ واڌ کي قومي ايمرجنسي طور تي وٺڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت ۽ نجي شعبو گڏجي پاڪستان کي ايندڙ سالن ۾ هڪ مضبوط روانگي واپار واري معيشت بنائڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.