نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ڪويتي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ رابطن جي فروغ جي لاءِ وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاران ڪئي …

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ڪويتي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ رابطن جي فروغ جي لاءِ وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاران ڪئي ويندڙ امن ڪوششن کي ساراهيو. هن علائقائي امن ۽ استحڪام کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان جي مثبت ۽ تعميري ڪردار جي واکاڻ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن آبنائي هرمز جي بندش جي عالمي معيشت تي پوندڙ وسيع تر اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ موجوده صورتحال جي پرامن ۽ پائيدار حل جي اميد ظاهر ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي لاءِ سموريون ممڪن ڪوششون جاري رکڻ جي پاڪستان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.