سينيٽ چيئرمين پاران بيليجيئم جي شاهي شخصيتن جي اعزاز ۾ آجياڻو، سياسي ۽ سماجي شخصيتن جي شرڪت

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بيلجيئم جي پرنس ايڊورڊ ڊي لائن لاٽريموئيل ۽ هرهائنس شهزادي ازابيلا ۽ سيني ڊي لائن لا ٽريموئيل جي مان ۾ آجياڻو ڏنو، جنهن ۾ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان، قومي اسيمبلي ميمبرن سيد عبدالقادر گيلاني، سيد علي قاسم گيلاني، علاؤالدين جوڻيجو، شرميلا فاروقي، ڊپٽي چيف آف مشن آمريڪا ٽو …

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بيلجيئم جي پرنس ايڊورڊ ڊي لائن لاٽريموئيل ۽ هرهائنس شهزادي ازابيلا ۽ سيني ڊي لائن لا ٽريموئيل جي مان ۾ آجياڻو ڏنو، جنهن ۾ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان، قومي اسيمبلي ميمبرن سيد عبدالقادر گيلاني، سيد علي قاسم گيلاني، علاؤالدين جوڻيجو، شرميلا فاروقي، ڊپٽي چيف آف مشن آمريڪا ٽو پاڪستان نٽالي بيڪر، يورپ ۾ پاڪستان ڊائسفوره جي عامر شيخ، پارليامينٽ ميمبرن ۽ سفارتڪارن شرڪت ڪئي. سينيٽ چيئرمين شاهي مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته پاڪستان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته بيلجيئم جي شاهي خاندان جون ناليواريون شخصيتون پاڪستان آيون. هن چيو ته هي دؤرو فقط سفارتي ناتن جو اظهار ناهي پر پاڪستان ۽ بيلجيئم جي عوام وچ ۾ دوستي، خيرسگالي ۽ گڏيل احترام جي علامت آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته بيلجيئم جي شاهي خاندان جو يورپ جي قديم ترين ۽ باوقار شاهي خاندانن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ معزز مهمانن جو اهو دؤرو ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستي ۽ خيرسگالي جي پيغام کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. هن چيو ته پاڪستان، بيلجيئم کي يورپي يونين جي اعتماد جوڳو دوست ۽ اهم ڀائيوار طور انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. سينيٽ چيئرمين عوامي رابطن جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته عوام وچ ۾ پائيدار ناتا صرف معاهدن ۽ ادارن سان نه پر ثقافتي هم آهنگي، ذاتي رابطن ۽ بامقصد ڳالهين سان ٿين ٿا. هن چيو ته شاهي وفد جو اهو دؤرو گڏيل احترام، اعتماد ۽ گڏيل قدرن تي ٻَڌل سفارتڪاري جو بهترين مثال آهي. هن پاڪستان جي قديم تهذيب، ثقافتي جدت ۽ مهمان نوازي جي روايتن جو ذڪر ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته معزز مهمان پاڪستان جي عوام جي محبت ۽ خلوص کي ويجهي کان محسوس ڪندا. ٻنهي طرفن جي لاڳاپن تي ڳالهيون ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ بيلجيئم وچ ۾ ناتا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻَڌل اعتماد، تعميري سهڪار ۽ عالمي ڀائيواريءَ تي آهن. هن چيو ته واپار، پارلياماني رابطا، تعليم، ثقافت ۽ ترقياتي سهڪار سميت مختلف شعبن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائيواري مسلسل هٿي وٺي رهي آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان ۽ بيلجيئم جاگرافيائي لحاظ کان هڪٻئي کان پري آهن، جڏهن ته ٻئي ملڪ ڳالهين، امن، جمهوري قدرن ۽ گڏيل خوشحاليءَ جهڙن اصولن تي هڪجهڙو يقين رکن ٿا. هن جي ايس پي پلس فريم ورڪ تحت پاڪستان لاءِ بيلجيئم جي حمايت کي ساراهيندي چيو ته ان سهڪار سان پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ معاشي رابطن کي وڌيڪ هٿي ملي آهي. عالمي چئلينجز جو ذڪر ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته موسمياتي تبديلي، معاشي غير يقيني واري صورتحال، امن ۽ سماجي هم آهنگي جهڙا مسئلا اجتماعي دانش ۽ مضبوط عالمي سهڪار جا گهُرجائو آهن. هن خطي ۾ امن، استحڪام ۽ عالمي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. انٽر پارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي باني جي حيثيت سان سيد يوسف رضا گيلاني پارلياماني سفارتڪاريءَ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ بيلجيئم جي پارليامينٽن وچ ۾ رابطن ۾ واڌ جي آجيان ڪئي. سينيٽ چيئرمين ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن ، پُراڻي امن ۽ وڌيڪ گهري سهڪار لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بيليجيئن شهزادي تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين طرفان شاندار آجياڻي تي ٿورو ادا ڪيو ۽ عالمي سطح تي امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته يورپي ملڪ عالمي امن کي هٿي وٺرائڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جون سفارتي ڪوششون وسيع عالمي تڪرارن کي روڪڻ ۽ عالمي استحڪام کي هٿي وٺرائن ۾ مددگار ثابت ٿينديون.