حڪومت شفاف ۽ سيڙپڪار دوست ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي: محمد اورنگزيب

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت شفاف ۽ سيڙپڪار دوست ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي، توانائي، معدنيات، بنيادي ڍانچي، ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل فنانس جهڙن شعبن ۾ ڊگهي مُدي واري سيڙپڪاري کي حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. هن اها ڳالهه گذريل ڏينهن هتي آمريڪا جي ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن بابت بيورو جي …

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت شفاف ۽ سيڙپڪار دوست ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي، توانائي، معدنيات، بنيادي ڍانچي، ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل فنانس جهڙن شعبن ۾ ڊگهي مُدي واري سيڙپڪاري کي حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. هن اها ڳالهه گذريل ڏينهن هتي آمريڪا جي ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن بابت بيورو جي اسسٽنٽ سيڪريٽري ايس پال ڪپور سان ملاقات ۾ چئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ آمريڪا جي ناظم الامور نيٽلي بيڪر به موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اقتصادي سهڪار، سيڙپڪاري جا موقعا، واپاري ناتن ۽ حڪومت جي جاري سڌارن جي ايجنڊا تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن جو مقصد معاشي استحڪام کي مضبوط، ملڪ ۾ ڪاروباري ۽ سيڙپڪاريءَ جي ماحول کي بهتر بنائڻ آهي. ڌُرين ٻه طرفي اقتصادي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون. ناڻي واري وزير ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ هاڪاري اڳڀرائيءَ کي ساراهيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت شفاف ۽ سيڙپڪار دوست ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن پاڪستان جي جاري معاشي استحڪام جي ڪوششن، سڌارن جي عمل ۾ اڳڀرائي ۽ مالياتي پائيداريءَ کي بهتر بنائڻ، ٽيڪس نيٽ ورڪ کي هٿي ڏيڻ، ڊجيٽلائيزيشن کي تيز ڪرڻ ۽ مالي شموليت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ کنيل قدمن تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير اهم معاشي اهڃاڻن ۾ تازي هاڪاري رجحانن کان به آگاهه ڪيو، جنهن ۾ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي، پرڏيهي مالياتي آمدني ۽ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن تائين ٻيهر پهچ شامل آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت توانائي، معدنيات، بنيادي ڍانچي، ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل فنانس جهڙن شعبن ۾ ڊگهي مُدي واري سيڙپڪاري کي حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ايس پال ڪپور پاڪستان جي جاري معاشي سڌارن کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ واپاري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ چٽاڀيٽي ۽ اعتماد جوڳو ڪاروباري ماحول انتهائي اهم آهن. هن پاڪستان سان اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۾ آمريڪا جي دلچسپيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان ۾ ڊگهي مُدي واري سيڙپڪاريءَ جا موقعا تلاش ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿيون. آمريڪي ناظم الامور آمريڪي ڪمپنين سان پاڪستان حڪومت جي مسلسل رابطن کي ساراهيو ۽ سيڙپڪار دوست ڪاروباري ماحول جي فراهميءَ لاءِ کنيل قدمن کي هاڪاري قرار ڏنو. ڳالهين ۾ آمريڪي ڪاروباري ادارن ۽ سيڙپڪارن سان سهڪار جي وڌيڪ امڪانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سازگار ڪاروباري ماحول ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبن وچ ۾ مسلسل رابطا اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اڻٽر آهن. آمريڪي وفد پاڪستان سان اقتصادي ۽ واپاري سهڪار وڌائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ معاشي سڌارن ۽ سيڙڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومت جي قدمن کي ساراهيو. ڌُرين ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ گڏيل اقتصادي ۽ ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ تعميري رابطا جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.