آذربائيجان پاڪستان جي اهم ترين اسٽريٽجڪ ڀائيوارن مان هڪ آهي: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته آذربائيجان پاڪستان جي اهم ترين اسٽريٽجڪ ڀائيوارن مان هڪ آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ناتا گڏيل اعتماد، گڏيل قدرن ۽ علائقائي رابطن تي ٻَڌل آهن. اهڙو اظهار هن پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف سان ڳالهيون ڪندي ڪيو، جنهن ساڻس هتي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي …

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته آذربائيجان پاڪستان جي اهم ترين اسٽريٽجڪ ڀائيوارن مان هڪ آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ناتا گڏيل اعتماد، گڏيل قدرن ۽ علائقائي رابطن تي ٻَڌل آهن. اهڙو اظهار هن پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف سان ڳالهيون ڪندي ڪيو، جنهن ساڻس هتي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي طرفان پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ، جاري سهڪار ۽ گڏيل مفادن تي ٻَڌل گڏيل منصوبن جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آذربائيجان جي سفير وفاقي وزير کي ايندڙ ورلڊ اربن فورم جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ باڪو جي امڪاني دؤري دوران ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي آذربائيجان جي توانائي ۽ ماحوليات وارن وزيرن سان امڪاني ملاقاتن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران سفير پاڪستان، ترڪيه ۽ وچ ايشيائي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ سهڪار ۽ ترقيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته انهن ملڪن وچ ۾ مضبوط اتحاد ۽ گڏيل منصوبا علائقائي اقتصادي ترقي ۽ گڏيل خوشحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ٻنهي طرفان پاڪستان ۽ آذربائيجان جي عوام وچ ۾ وڌندڙ رابطن تي به ڳالهيون ڪيون ۽ سفر جي وڌندڙ طلب کي نظر ۾ رکندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اُڏامن جي انگ ۾ واڌ جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. گذريل سال اٽڪل هڪ لک 20 هزار پاڪستاني شهرين کي آذربائيجان جي اِي ويزا ۽ آسان ويزا جاري ڪئي وئي، جن مان اٽڪل 90 هزار پاڪستانين آذربائيجان جو دؤرو ڪيو. ملاقات ۾ سياحت جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ جي موقعن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. سفير چيو ته پاڪستان پنهنجي مختلف قدرتي منظرن، جبلن ۽ قدرتي حسن سبب سياحت جا بي پناهه امڪان رکي ٿو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته پاڪستان آذربائيجان جي سياحت جي شعبي جي ترقيءَ جي تجربن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته سياحت ۽ ان سان ڳنڍيل صنعتن کي هٿي وٺرائڻ پاڪستاني نوجوانن لاءِ لکين روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهي ٿو.