اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چئلينج فيشن جي اعليٰ سطحي وفد سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري، صنعتي سهڪار ۽ چئلينج اسپيشل اڪنامڪ زون (ايس اِي زيڊ) تي اڳڀرائيءَ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيڙپڪاري بورڊ واري سيڪريٽري جميل قريشي، ڊي جي محمود طفيل ۽ ٻين اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. ملاقات دوران سيڙپڪاريءَ کي …
وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان چئلينج فيشن جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چئلينج فيشن جي اعليٰ سطحي وفد سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري، صنعتي سهڪار ۽ چئلينج اسپيشل اڪنامڪ زون (ايس اِي زيڊ) تي اڳڀرائيءَ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيڙپڪاري بورڊ واري سيڪريٽري جميل قريشي، ڊي جي محمود طفيل ۽ ٻين اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. ملاقات دوران سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ، صنعتي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ ڪاروباري ماحول کي وڌيڪ بهتر بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن چئلينج گروپ جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري تي اطيمنان جو اظهار ڪندي چيو ته 150 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ سان صنعتي ترقيءَ کي هٿي ملندي جڏهن ته روزگار جا نوان موقعا پڻ پيدا ٿيندا. هن چيو ته چئلينج اسپيشل اڪنامڪ زون جي ڪاميابي ٻين چيني سيڙپڪارن لاءِ هڪ مثال آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڪاروبار ۾ آسانيءَ لاءِ عملي قدمن جاري رکندي پئي اچي. ملاقات ۾ ويٽنام سميت ٻين ملڪن جي اسپيشل اڪنامڪ زونز جي ماڊلز جو به جائزو ورتو ويو ۽ پاڪستان ۾ سڌارا متعارف ڪرائڻ تي غور ڪيو ويو. ڌُرين پاڪستان ۽ چين وچ ۾ صنعتي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، جڏهن ته چئلينج فيشن جي وفد پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ۽ توسيعي منصوبن ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سيڙپڪاري بورڊ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي عزم کي به ورجايو.











