اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ناليواري چيني ڪمپني چئلينجز فيشن جي چيئرمين هوانگ ۽ چئلينج ريڊي ميڊ جي سي اي او ڪيرن چن جي اڳواڻيءَ ۾ چيني سيڙپڪارن جي هڪ وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران روانگي واپار تي ٻَڌل مينيوفيڪچرنگ، صنعتي سهولتڪاري، پاڪستان جي اقتصادي سهڪار ۽ ٽيرف ۾ سيڙپڪاريءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌُرين پاڪستان ۾ …
واپار واري وفاقي وزير سان چيني سيڙپڪارن جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ناليواري چيني ڪمپني چئلينجز فيشن جي چيئرمين هوانگ ۽ چئلينج ريڊي ميڊ جي سي اي او ڪيرن چن جي اڳواڻيءَ ۾ چيني سيڙپڪارن جي هڪ وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران روانگي واپار تي ٻَڌل مينيوفيڪچرنگ، صنعتي سهولتڪاري، پاڪستان جي اقتصادي سهڪار ۽ ٽيرف ۾ سيڙپڪاريءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌُرين پاڪستان ۾ ٽيڪسٽائل، ريڊي ميڊ ۽ ٻين شعبن ۾ چيني سيڙپڪاريءَ جي وڌندڙ امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفد وفاقي وزير کي پاڪستان ۾ پنهنجي جاري صنعتي منصوبي جي اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو. مينيوفيڪچرنگ جي صلاحيت ۾ نمايان واڌ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ روانگي واپار ۾ واڌ جي منصوبن تي ڳالهيون ڪيون ويون. چيني ڪمپني جي چيئرمين واپار واري وزير کي ٻُڌايو ته ڪمپني عالمي پيداواري معيارن تحت پاڪستان ۾ مينيوفيڪچرنگ جي هڪ وڏي سهولت قائم ڪري رهي آهي جنهن جو پهريون مرحلو هن سال جي آخر ۾ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. هن ٻُڌايو ته ڊگهي مدي وارو توسيعي منصوبو پنهنجي نوعيت جي سڀ کان وڏي صنعتي آپريشنز مان هڪ آهي، جنهن ۾ 20 هزار روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ اٽڪل 400-500 ملين آمريڪي ڊالرن جي ساليانو روانگي واپار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي. چيني وفد پاڪستان جي اسٽريٽجڪ فائدن خاص ڪري ان جي چٽاڀيٽي افرادي قوت، علائقائي ۽ عالمي رستن کي جوڙيندڙ جاگرافيائي پوزيشن تي روشني وڌي. سيڙپڪارن پاڪستان جي صنعتي صلاحيت تي اعتماد ۽ ملڪ ۾ پنهنجي موجودگي وڌائڻ ۾ چيني ڪاروباري ادارن جي وڌندڙ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير وفد جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ چيني ڪمپنين جي وڌندڙ دلچسپيءَ کي ساراهيو. هن چيو ته حڪومت سيڙپڪاريءَ جي ماحول کي بهتر بنائڻ، ريگيوليٽري طريقيڪار کي آسان بنائڻ ۽ مربوط اداره جاتي سهڪار ذريعي پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل آهي. ڄام ڪمال چيو ته عالمي اقتصادي چُرپر ۾ تبديلي، سپلاءِ چين جي ترقي ۽ جدت ۾ وڌندڙ دلچسپي پاڪستان جهڙي ملڪ لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي، صنعتي صلاحيت ۽ علائقائي رابطا ان کي روانگي واپار تي ٻڌل سيڙپڪاريءَ لاءِ هڪ پُرڪشش مقام بڻائي رهيا آهن. ملاقات ۾ علائقائي رابطن، لاجسٽڪس، توانائيءَ تائين پهچ، محفوظ ۽ مختلف واپاري راهدارين جي اهميت تي به ڳالهيون ڪيون ويون. واپار واري وزير چيو ته پاڪستان جي پوزيشن واپاري سهولتن، صنعتي ترقي ۽ علائقائي ۽ عالمي ڀائيوارن سان مضبوط ۽ اقتصادي انضمام لاءِ ڊگهي مُدي جا موقعا فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا مستحڪم ۽ محفوظ ڪاروباري ماحول کي يقيني بنائڻ لاءِ پوري طرح سان پُرعزم آهن. وفد خاص صنعتي تعميراتي مواد ۽ اِن پُٽ بابت خاص آپريشنل ضرورتن تي ڳالهيون ڪيون. هن وفد کي ٻُڌايو ته پاڪستان هن وقت ٽيرف کي ريشنلائيز ڪرڻ جو مرحليوار عمل شروع ڪري رهيو آهي، جنهن جو مقصد چٽاڀيٽيءَ کي بهتر بنائڻ ۽ مينيوفيڪچرنگ لاءِ غير ضروري خرچن کي گهٽ ڪرڻ آهي. ڄام ڪمال وفد کي لاڳاپيل ٽيرف جي درجابنديءَ سان مقامي طور تي تيار نه ٿيندڙ خاص شين جا تفصيل باضابطه طور تي جمع ڪرائڻ جي دعوت ڏني ته جيئن وزارت ان معاملي کي ٽيرف ريشنلائيزيشن جي جاري فريم ورڪ اندر جاچي سگهي. اجلاس ۾ زمين جي منظوري، انفراسٽرڪچر جي معاملن، فائدن جي سهولت ۽ خاص اقتصادي زون جي فريم ورڪ ۾ بهتريءَ سميت منصوبي تي عملدرآمد تي اڳڀرائيءَ جو به جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير وفد کي ٻُڌايو ته طريقيڪار جي رڪاوٽن کي گهٽ ڪرڻ ۽ صنعتي سيڙپڪارن لاءِ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آسانيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ سڌارا جاري آهن.











