قومي اسيمبلي پاران مختلف بلن جي منظوري

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي نج منافعو حاصل ڪرڻ جي مالياتي انتظامن واري بل 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، نج منافعو حاصل ڪرڻ جي مالياتي انتظامن وارو بل 2026ع اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿيڻ صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو، ايوان بل …

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي نج منافعو حاصل ڪرڻ جي مالياتي انتظامن واري بل 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، نج منافعو حاصل ڪرڻ جي مالياتي انتظامن وارو بل 2026ع اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿيڻ صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو، ايوان بل جي شق وار منظوري ڏني. قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، پاڪستان نرسنگ ۽ مڊوائفري ڪائونسل بل 2026ع اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو، ايوان بل جي شق وار منظوري ڏني. ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني روانگي واپار، آمدني واپار ۽ پاڪستان بئنڪ ترميمي بل 2026ع اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو، ايوان بل جي شق وار منظوري ڏني. جڏهن ته ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، مالياتي ذميواري ۽ تحديد قرض ترميمي بل 2026ع اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو، ايوان بل جي شق وار منظوري ڏني. ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني قومي اسيمبلي ۾ خصوصي اقتصادي زونز ترميمي بل 2026ع اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو، ايوان بل جي شق وار منظوري ڏني.