سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ پاڪستاني بندرگاهن کي علائقائي ٽرانزٽ ۽ ٽرانس شپمينٽ حب بنائڻ جي حڪمت عمليءَ تي اجلاس

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري جي صدارت هيٺ خطي جي بدلجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي بندرگاهن جي تيارين جو جائزو وٺڻ ۽ پاڪستاني بندرگاهن کي علائقائي ٽرانزٽ ۽ ٽرانس شپمينٽ حب بنائڻ جي حڪمت عمليءَ تي اجلاس منعقد ٿيو. وزارت پاران جاري پريس رليز موجب گذريل ڏينهن اجلاس ۾ شپنگ لائنز، ٽرمينل آپريٽرز ۽ ٻين اهم ڌُرين شرڪت …

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري جي صدارت هيٺ خطي جي بدلجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي بندرگاهن جي تيارين جو جائزو وٺڻ ۽ پاڪستاني بندرگاهن کي علائقائي ٽرانزٽ ۽ ٽرانس شپمينٽ حب بنائڻ جي حڪمت عمليءَ تي اجلاس منعقد ٿيو. وزارت پاران جاري پريس رليز موجب گذريل ڏينهن اجلاس ۾ شپنگ لائنز، ٽرمينل آپريٽرز ۽ ٻين اهم ڌُرين شرڪت ڪئي. جتي بنا رنڊڪ سامونڊي واپار کي هٿي وٺرائڻ، آپريشنل ڪارڪردگي ۾ بهتري، فيڊز ڪنيڪٽوٽي جي استحڪام ۽ ڪاروباري طريقيڪار کي سادو بنائڻ تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪراچي کي هڪ اعتماد جوڳي ميري ٽائيم گيٽ طور هٿي ڏيڻ تي پڻ زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ ريگيوليٽري چئلينجز، ڊجيٽلائيزيشن، ڌُرين وچ ۾ هم آهنگي ۽ علائقائي ڪارگو کي حاصل ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت پاڪستاني بندرگاهن کي علائقائي ٽرانس شپمينٽ مرڪز بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي ۽ ان مقصد لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌُرين سان مربوط حڪمت عملي اختيار ڪئي پئي وڃي. هن بندرگاهن جي سگهه وڌائڻ، لاجسٽڪس نيٽ ورڪ کي مضبوط بنائڻ ۽ فيڊز سروسز کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته ريگيوليٽري فريم ورڪ ۾ بهتري، ڊيٽنشن چارجز جهڙن مسئلن جي حل ۽ ٽرمينلز جي هينڊلنگ صلاحيت ۾ واڌ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن بندرگاهن کي جديد گهُرجن سان هم آهنگ بڻائي سگهجي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ملڪ جي ٽنهي وڏين بندرگاهن جي ڪارڪردگي ۽ سهولتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ باقاعده نيوز ليٽر جاري ڪيو وڃي ۽ عالمي سطح تي اثرائتي مارڪيٽنگ کي يقيني بڻايو وڃي. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي چيئرمين ريئر ايڊمرل (ر) شاهد احمد ٻُڌايو ته ڪراچي بندرگاهه تي گاڏين ۽ ايس يو ويز جي هينڊلنگ لاءِ واڌو جڳهه رکي وئي آهي، جنهن سان ڪاروباري سرگرمين ۾ آسان ٿيندي. اجلاس ۾ سامونڊي معاملن واري ايڊيشنل سيڪريٽري عمر ظفر شيخ، پاڪستان شپ ايجنٽس ايسوسيئيشن جو چيئرمين محمد راجپر، آل پاڪستان شپنگ ايسوسيئيشن جي صدر عبدالله فرخ ۽ ٻين نمائندن شرڪت ڪئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن وفاقي وزير جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو.