اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته خصوصي اقتصادي زونز بل جي منظوري سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري آڻڻ ۾ مدد ملندي. اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ خصوصي اقتصادي زونز ترميمي بل 2026ع جي منظوري کانپوءِ ايوان ۾ ڳالهائيندي قيصر احمد شيخ چيو ته خصوصي اقتصادي زونز سان ملڪ کي گهڻو فائدو ٿيندو. هن چيو ته سيڙپڪاري لاءِ …
خصوصي اقتصادي زونز بل جي منظوري سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري آڻڻ ۾ مدد ملندي: سيڙپڪاري وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته خصوصي اقتصادي زونز بل جي منظوري سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري آڻڻ ۾ مدد ملندي. اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ خصوصي اقتصادي زونز ترميمي بل 2026ع جي منظوري کانپوءِ ايوان ۾ ڳالهائيندي قيصر احمد شيخ چيو ته خصوصي اقتصادي زونز سان ملڪ کي گهڻو فائدو ٿيندو. هن چيو ته سيڙپڪاري لاءِ قانونن ۽ ضابطن کي آسان بڻائڻ ضروري آهي، جڏهن اسان ٻاهر وڃون ٿا ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي راغب ڪيون ٿا هو ته هو ريگوليشنز جي حوالي سان نقطا اٿارين ٿا. هن چيو ته پاڪستان کي قرضن جي نه پر سيڙپڪاري جي ضرورت آهي ۽ ان لاءِ اسان کي پنهنجي نظام کي بهتر بڻائڻو پوندو. هن بل جي منظوري تي چيئر ۽ ايوان جو شڪريو ادا ڪيو.











