اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) ملڪ ۾ ڪچي تيل جي پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي، جڏهن ته گئس جي پيداوار ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پي پي آءِ ايس ۽ انڊسٽري جي انگن اکرن مطابق 8 مئي تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار اٽڪل 71552 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.9 سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 72167 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي هئي. ساڳئي طرح 8 …
ملڪ ۾ ڪچي تيل جي پيداوار ۾ گهٽتائي، گئس جي پيداوار ۾ واڌ رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) ملڪ ۾ ڪچي تيل جي پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي، جڏهن ته گئس جي پيداوار ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پي پي آءِ ايس ۽ انڊسٽري جي انگن اکرن مطابق 8 مئي تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار اٽڪل 71552 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.9 سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 72167 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي هئي. ساڳئي طرح 8 مئي تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ گئس جي روزانو پيداوار 3125 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 1.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل هفتي ۾ ملڪ ۾ گئس جي روزانو پيداوار 3079 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن اکرن مطابق 8 مئي تي ختم ٿيل هفتي ۾ او جي ڊي سي ايل جي ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 37764 بيرل، پي پي ايل 12147 بيرل، پي او ايل 4293 بيرل ۽ ماڙي گئس جي ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 1374 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي، ساڳي طرح 8 مئي تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ او جي ڊي سي ايل جي گئس جي روزانو پيداوار 698 ايم ايم سي ايف ڊي، پي پي ايل 545 ايم ايم سي ايف ڊي، پي او ايل 68 ايم ايم سي ايف ڊي ۽ ماڙي گئس جي گئس جي روزانو پيداوار 1002 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي.











