اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ جڏهن ته سنڌ ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ شديد گرم رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته بعد ۾ ٻنپهرن جو مٿانهين جابلو علائقن / اتر بلوچستان ۾ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي، ڪشمير ۽ ڀرپاسي جي جابلو علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ جڏهن ته سنڌ ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ شديد گرم رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ جڏهن ته سنڌ ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ شديد گرم رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته بعد ۾ ٻنپهرن جو مٿانهين جابلو علائقن / اتر بلوچستان ۾ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي، ڪشمير ۽ ڀرپاسي جي جابلو علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب، مٿانهين خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڳڙهي دوپٽه ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات پئي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته ڏاکڻين علائقن ۾ شديد گرم رهي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد جيڪب آباد، سبي، سکر، روهڙي، موهن جو دڙو، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۾ 45، رحيم يار خان، تربت ۽ خيرپور ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











