پاڪستان جو ڪردار تمام اهم آهي، نار ملڪن سان اسان جي هم آهنگي جاري آهي: قطر

دوحه- 13 مئي (اي پي پي) قطر جي وزيراعطم ۽ پرڏيهي وزير محمد بن عبدالرحان آل ثاني ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته دوحه خطي ۾ استحڪام جي بحالي لاءِ نار ملڪن ۾ پنهنجي ڀائيوارن سان هم آهنگي جاري رکي آهي. هن دوحه ۾ پنهنجي ترڪ هم منصب هاقان فيدان سان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو ته خطي ۽ سڄي دنيا لاءِ پاڪستان جو ڪردار …

دوحه- 13 مئي (اي پي پي) قطر جي وزيراعطم ۽ پرڏيهي وزير محمد بن عبدالرحان آل ثاني ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته دوحه خطي ۾ استحڪام جي بحالي لاءِ نار ملڪن ۾ پنهنجي ڀائيوارن سان هم آهنگي جاري رکي آهي. هن دوحه ۾ پنهنجي ترڪ هم منصب هاقان فيدان سان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو ته خطي ۽ سڄي دنيا لاءِ پاڪستان جو ڪردار تمام گهڻو اهم آهي. هن اشارو ڪيو ته قطر ۽ ترڪيه پاڪستاني ٽياڪڙي جي حمايت ڪن ٿا. ان سان گڏ ئي هن خبردار ڪيو ته خطو نازڪ حالتن مان گزري رهيو آهي، جن ۾ ڀائر ۽ دوست ملڪن سان مشاورت جي ضرورت آهي. پنهنجي طرفان ترڪ پرڏيهي وزير آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٽياڪڙي ۾ پاڪستان جي ڪردار لاءِ پنهنجي ملڪ جي حمايت جي تصديق ڪئي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته آبناءِ هرمز کي کوليو ويندو ۽ ساموندي جهاز راني جي آزادي کي يقيني بڻايو ويندو.