سعودي ولي عهد ۽ اماراتي صدر جو ٽيلي فون تي رابطو، علاقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض- 13 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان ۽ امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد ٽيلي فون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب رابطي ۾ سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ تعاون جي شعبن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن علاقائي صورتحال، خطي ۾ سلامتي ۽ استحڪام برقرار رکڻ جي ڪوششن جو جائزو ورتو.