نيويارڪ- 13 مئي (اي پي پي) آمريڪي فضائي ڪمپني يونائيٽڊ ايئر لائنز اعلان ڪيو آهي ته هو 11 آگسٽ کان آمريڪا ۽ وينزويلا وچ ۾ سڌي ريت اڏامون شروع ڪندي، اها ڏهن سالن کانپوءِ ان روٽ تي واپس هوندي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪمپني مطابق روزانو نان اسٽاپ اڏامون آمريڪا جي شهر هيوسٽن جي جارج بش انٽر ڪانٽيننٽل ايئرپورٽ ۽ وينزويلا جي ڪراڪس ۾ واقع سيمون بوليوار انٽرنيشنل ايئرپورٽ وچ ۾ …
آمريڪي ائير لائيم يونائيٽڊ لائنز جو 9 سالن کان پوءِ وينز ويلا لاءِ اڏامون شروع ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
نيويارڪ- 13 مئي (اي پي پي) آمريڪي فضائي ڪمپني يونائيٽڊ ايئر لائنز اعلان ڪيو آهي ته هو 11 آگسٽ کان آمريڪا ۽ وينزويلا وچ ۾ سڌي ريت اڏامون شروع ڪندي، اها ڏهن سالن کانپوءِ ان روٽ تي واپس هوندي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪمپني مطابق روزانو نان اسٽاپ اڏامون آمريڪا جي شهر هيوسٽن جي جارج بش انٽر ڪانٽيننٽل ايئرپورٽ ۽ وينزويلا جي ڪراڪس ۾ واقع سيمون بوليوار انٽرنيشنل ايئرپورٽ وچ ۾ هلايون وينديون. اها سروس بوئنگ 737 8 ميڪس جهازن جي ذريعي آپريٽ ڪئي ويندي، ٽڪيٽون پهرين کان وڪري لاءِ دستياب آهن، جڏهن ته اڏامن جي شروعات حڪومتي منظوري سان مشروط هوندي. واضح رهي ته يونائيٽڊ لائنز 2017ع ۾ سياسي ڇڪتاڻ سبب وينزويلا لاءِ پنهنجون اڏامون ملتوي ڪري ڇڏيون هيون، جيڪي ان کان اڳ 20 سال کان به وڌيڪ عرصي تائين جاري هيون. ايئر لائن جو چوڻ هو ته اهو قدم ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻيهر معاشي رابطا وڌائڻ، ڪاروباري موقعا پيدا ڪرڻ ۽ خاندانن کي ٻيهر ملائڻ ۾ مدد ڏيندو. اهو فيصلو اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن هڪ ٻي آمريڪي ڪمپني به تازن ڏينهن ۾ وينزويلا لاءِ اڏامون بحال ڪري چڪي آهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ فضائي رابطن ۾ بهتري ڏٺي پئي وڃي.











