فجي ٻيٽ ۾ 5.9 شدت جو زلزلو

بيجنگ- 13 مئي (اي پي پي) جرمني جي جيوفزيڪل ريسرچ سينٽر موجب ماٺي سمنڊ جي علائقي ۾ واقع فجي ٻيٽ جي ڏکڻ ۾ 5.9 شدت جو زلزلو محسوس ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب زلزلي جو مرڪز 23.31 درجا ڏکڻ عرض بلد176.16 درجا اولهه طول بلد تي هو، زلزلي جي اونهائي 173.3 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. اطلاع موجب فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي رپورٽ سامهون …

بيجنگ- 13 مئي (اي پي پي) جرمني جي جيوفزيڪل ريسرچ سينٽر موجب ماٺي سمنڊ جي علائقي ۾ واقع فجي ٻيٽ جي ڏکڻ ۾ 5.9 شدت جو زلزلو محسوس ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب زلزلي جو مرڪز 23.31 درجا ڏکڻ عرض بلد176.16 درجا اولهه طول بلد تي هو، زلزلي جي اونهائي 173.3 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. اطلاع موجب فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي رپورٽ سامهون ناهي آئي، جڏهن ته لاڳاپيل ادارا صورتحال جي نگراني ڪري رهيا آهن.