لاهور- 13 مئي (اي پي پي) ايف آءِ اي لاهور زون حواله هنڊي ۽ غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان مطابق ڪارروائي ڪمرشل بينڪنگ سرڪل لاهور طرفان ڪئي وئي. گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ عبدالرحيم ۽ محمد فهيم جي نالي سان ٿي آهي. ترجمان ٻڌايو ته شروعاتي جاچ دوران جوابدارن آٽو اسپيئر پارٽس جي ڪاروبار جي آڙ ۾ حواله …
ايف آءِ اي جو غير قانوني ڪرنسي اڪسچينج ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون

مزید خبریں
لاهور- 13 مئي (اي پي پي) ايف آءِ اي لاهور زون حواله هنڊي ۽ غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان مطابق ڪارروائي ڪمرشل بينڪنگ سرڪل لاهور طرفان ڪئي وئي. گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ عبدالرحيم ۽ محمد فهيم جي نالي سان ٿي آهي. ترجمان ٻڌايو ته شروعاتي جاچ دوران جوابدارن آٽو اسپيئر پارٽس جي ڪاروبار جي آڙ ۾ حواله هنڊي ۽ غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث هئا، ڪارروائي دوران جوابدارن جي قبضي مان 10 لک روپين کان وڌيڪ پاڪستاني ڪرنسي، موبائل فونز ۽ حواله هنڊي ۽ غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج بابت شاهديون به هٿ ڪيون ويون آهن. ايف آءِ اي اختيارين مطابق جوابدارن کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.











