پهلگام واقعي کانپوءِ عالمي سطح تي ڀارت جي ساک بري طرح متاثر ٿي، “شائننگ انڊيا” جو بيانيو عالمي اڪيلائپ ۾ تبديل ٿي ويو، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف فرنٽ لائين رياست آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پهلگام واقعي کانپوءِ عالمي سطح تي ڀارت جي ساک بري طرح متاثر ٿي، “شائننگ انڊيا” جو بيانيو عالمي اڪيلائپ ۾ تبديل ٿي ويو، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف فرنٽ لائين رياست آهي، ان جنگ ۾ ڏني ويندڙ قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن، پاڪستان تي الزام هڻندڙ ڀارت پاڻ ٻاهرئين ملڪ سک اڳواڻن …

اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پهلگام واقعي کانپوءِ عالمي سطح تي ڀارت جي ساک بري طرح متاثر ٿي، “شائننگ انڊيا” جو بيانيو عالمي اڪيلائپ ۾ تبديل ٿي ويو، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف فرنٽ لائين رياست آهي، ان جنگ ۾ ڏني ويندڙ قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن، پاڪستان تي الزام هڻندڙ ڀارت پاڻ ٻاهرئين ملڪ سک اڳواڻن جي قتل ۾ ملوث رهيو آهي ۽ پنهنجي اندروني مسئلن کي ٻاهرئين ۽ ٻاهرئين مسئلن کي اندروني رنگ ڏيڻ ان جو شيوو رهيو آهي، دهشتگردي ڀارت جو اندروني ۽ ڄمون ۽ ڪشمير عالمي مسئلو آهي. معرڪه حق دوران قوم ۽ هٿياربند فوج جي اتحاد پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو ۽ ملڪ جي وقار ۾ اضافو ٿيو آهي، پاڪستان کي اڄ سنجيده ملڪ جي طور تي ڏٺو وڃي ٿو جيڪو عالمي تڪرارن جي حل ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ انڊيا اسٽڊي سينٽر جي اهتمام هيٺ “معرڪه حق: وڪٽري اِن دي بيٽل فيلڊ اينڊ بي يانڊ” جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي چيئرمين بورڊ آف گورنر ايمبيسڊر خالد محمود، اڳوڻي پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني، پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي، اڳوڻي وائيس چيف آف ايئر اسٽاف ايئر مارشل رٽائرڊ فاروق حبيب، ناليواري اسٽريٽجڪ تجزيه نگار احمد حسن العربي سميت ٻيون اهم شخصيتون پڻ موجود هيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڀارت پاڪستان تي جنگ مڙهي، پاڪستان سدائين امن تي يقين رکي ٿو ۽ امن جو علمبردار رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف فرنٽ لائين رياست آهي، اسان دهشتگردن ۽ دنيا جي وچ ۾ هڪ ديوار ۽ ڍال بڻجي بيٺل آهيون. هن چي ته ڀارت جي بيانيي ۽ اسٽريٽجي ۾ ڪجهه تضاد ۽ هجڪهڙائي نظر نٿي اچي. ڀارت سدائين ٻاهرئين مسئلن کي اندروني ۽ اندروني مسئلن کي ٻاهريون رنگ ڏيندو رهيو آهي، دهشتگردي ڀارت جو اندروني مسئلو آهي، ٻاهريون نه آهي جڏهن ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار عالمي مسئلو آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون قراردادون، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي خودمختياري جو حق فراهم ڪن ٿيون. وفاقي وزير چيو ته جڏهن پهلگام جو واقعو پيش آيو ته ڀارت فالس فليگ آپريشن کي هوا ڏيڻ ۽ هٿ ٺوڪيو بيانيو جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ تمام گهڻو ٽڪراءُ موجود هو. پهلگام واقعي جي رونما ٿيڻ جي رڳو 10 منٽن جي اندر ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، بنا ڪنهن جاچ جي الزام پاڪستان تي هنيو ويو. هن چيو ته پهلگام لائين آف ڪنٽرول کان سئو ڪلوميٽر کان وڌيڪ فاصلي تي آهي، اهڙي طرح ڪيئن ممڪن آهي جو جنهن چرپر جو الزام هنيو پيو وڃي ان جو پتو تائين نه لڳايو ويو. هن چيو ته جيئن ئي پهلگام واقعو پيش آيو ته اسان فوري طور تي متحرڪ ٿي وياسين. بيانيي جي اصل قوت رياستي ادارن جي وچ ۾ اتحاد، هم آهنگي ۽ گڏيل عمل ۾ لڪل آهي، سمورا رياستي ادارا گڏ هئا، اسان جو مقصد ۽ هدف گڏيل هو ته سچ کي موثر انداز ۾ دنيا آڏو رکيو وڃي. هن چيو ته مئي جي جنگ دوران اسان جو بيانيو ان جي لاءِ مضبوط هو ڇو ته اسان وقت تي، صحيح فورم تي موثر انداز ۾ سچ کي دنيا آڏو رکيو، بيانيي جي جنگ ۾ اصل اهميت ان ڳالهه جي هوندي آهي ته صحيح ڳالهه، صحيح وقت تي ۽ صحيح فورم تي ڪئي وڃي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اهو ضروري هوندو آهي ته اسٽريٽجڪ بيانيي جي حوالي سان مخصوص ۽ تفصيلي مهم جوڙي وڃي، بيانيي جي محاذ تي اسان کي ان وقت وڏي سگهه حاصل ٿي جڏهن وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ۾ خطاب ڪندي پهلگام واقعي جي شفاف، غيرجانبداراڻي ۽ آزاداڻي جاچ جي آڇ ڪئي. اڄ هڪ سال گذري چڪو آهي پر ڀارت پاران اسان جي ان آڇ جو ڪو جواب نه ڏنو ويو ۽ نه ئي ڏئي سگهجي ٿو ڇو ته سڀني کي خبر آهي ته پهلگام واقعو هڪ فالس فليگ آپريشن هو. پاڪستان ثابت ڪيو آهي ته اسان جا هٿ صاف آهن جڏهن ته ڀارت جاچ کان نٽائيندو رهيو ۽ پوءِ انهي فالس فليگ آپريشن کي جواز بڻائي پاڪستان جي اندر معصوم شهرين ۽ شهري آبادي کي نشانو بڻايو. هن چيو ته ڀارت جي موقف کي عالمي سطح تي ان عمل سان وڌيڪ نقصان پهتو. هن چيو ته اسان مقامي ۽ عالمي صحافين جي هڪ وفد کي بيلا نور شاهه وٺي وياسين جتي ڀارت دهشتگرد ڪئمپن جي موجودگي جو الزام هنيو هو. اسان انهن صحافين کي ان جي لاءِ وٺي وياسين ته جيئن دنيا کي ڏيکاري سگهجي ته ڀارت جا الزام بي بنياد آهن. اڳئين ڏينهن اسان جو مريدڪي ۽ بهاولپور وڃڻ جو پروگرام هو پر انهي دوران ڀارت جارحيت ڪري ڇڏي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي چارٽر تحت پنهنجي حق موجب مضبوط ۽ فيصلائتو جواب ڏيڻ جو حق رکيو ٿي. وفاقي وزير چيو ته بيانيي جي محاذ تي اسان عالمي ميڊيا سان مسلسل رابطي ۾ هئاسين ڇو ته اسان وٽ دنيا کي ٻڌائڻ جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه هو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف فرنٽ لائين رياست آهي جيڪو دهشتگردن ۽ باقي دنيا جي وچ ۾ هڪ ڍال ۽ ديوار بڻجي بيٺل آهي. هن چيو ته جڏهن ڪو پاڪستاني پنهنجي جان جي قرباني ڏي ٿو ته اها رڳو ملڪ جي لاءِ نه پر پوري دنيا کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ هوندي آهي. هن چيو ته دنيا جو ڪو اهڙو ملڪ نه آهي جنهن دهشتگردي جي جنگ ۾ 90 هزار جانين جي قرباني ڏني هجي ۽ سوين ارب ڊالر جو معاشي نقصان برداشت ڪيو هجي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تي دهشتگردي جو الزام هڪ اهڙو ملڪ هڻي رهيو آهي جيڪو پاڻ دنيا ۾ سک اڳواڻن جي قتل ۾ ملوث آهي، ڀارت ڪئناڊا ۾ هرديپ سنگهه نجر جي قتل سميت آمريڪا، برطانيا ۽ دنيا جي مختلف حصن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ ملوث آهي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي جڏهن ته ڀارت دهشتگردي کي هٿي ڏئي رهيو آهي، اسان وٽ ثبوت موجود آهن، پاڪستان ۾ گرفتار ٿيندڙ ڀارتي شهري ڪلڀوشن ياديو پاڪستان ۾ تخريبي سرگرمين ۾ ملوث هو ۽ ان کي حراست ۾ ورتو ويو. هن چيو ته بيانيي جي محاذ تي پاڪستان جو بنيادي موقف اهو ئي رهيو آهي ته عالمي برادري تائين حقيقتن کي موثر، ٺوس ۽ وقت تي پهچايو وڃي ۽ ان مقصد جي لاءِ صحيح وقت ۽ صحيح فورم جي چونڊ ڪئي وئي. هن چيو ته گذريل سال مئي ۾ ڀارتي حڪومت ۽ ڀارتي ميڊيا پاران ڪيتريون ئي دعوائون غيرتصديق ٿيل ۽ مبالغه آميز قرار ڏنيون ويون جڏهن ته پاڪستاني ميڊيا، علمي ڌرين ۽ دانشور طبقي ان صورتحال ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. پاڪستاني ميڊيا چينلز، سوشل ميڊيا پليٽ فارمز، تجزيه نگارن، اينڪر پرسنز ۽ رپورٽرز عالمي سطح تي پاڪستان جو موقف موثر انداز ۾ پيش ڪيو ان جي ابتڙ ڀارتي ميڊيا پاران جنگي جنون ۽ اشتعال انگيزي تي ٻڌل بيانيو سامهون آيو جنهن ۾ ڪيتريون ئي غيرحقيقي دعوائون پڻ شامل هيون. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا لاهور ۽ ملتان جي بندرگاهن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوڙي دعوى ڪئي جڏهن ته انهن ٻنهي شهرن ۾ بندرگاهون نه آهن. هن چيو ته ان جي ابتڙ معرڪه حق دوران پاڪستاني ميڊيا مستنند، تصديق ٿيل ۽ قابل اعتماد معلومات فراهم ڪئي، ان موثر بيانيي جي ڪري رياستي ادارن ۽ ميڊيا جي وچ ۾ مڪمل هم آهنگي، رابطي ۽ معلومات جي بنا رڪاوٽ ڏي وٺ هئي. هن چيو ته اسان جي نوجوان نسل جنگ جي سخت مرحلي ۾ پنهنجي جدا نوعيت جي “ميم وار” شروع ڪري ڇڏي. هڪ طرف ميزائيل ۽ گولا هنيا پئي ويا ۽ ٻئي طرف پاڪستاني نوجوان پنهنجي موبائيل فونز ۽ ليپ ٽاپس جي ذريعي تخليقي ميمز تيار ڪري رهيا هئا. ان تي مخالف ڌر به حيران هئي، ان پوري منظرنامي ۾ پاڪستان پنهنجي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري. هن چيو ته بيانيي جي جنگ هجي، روايتي عسڪري صورتحال هجي يا سفارتي سطح جون ڪوششون، پرڏيهي وزارت ۽ ٻين رياستي ادارن ٺوس انداز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ان جو بنيادي سبب اهو ئي هو ته اسان وٽ دنيا کي ٻڌائڻ جي لاءِ سچ موجود هو جنهن کي اسان موثر انداز ۾ دنيا تائين پهچايو. ٻئي طرف دشمن مسلسل غلطيون ڪندو رهيو، پوري دنيا ڏٺو ته ان جا ارادا ڪهڙي طرح بي نقاب ٿيا. هن چيو ته معرڪه حق دوران سول ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي هئي، انهي اتحاد اسان کي دنيا کي پنهنجو موقف موثر انداز ۾ بيان ڪرڻ ۾ مدد ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي جرئتمنداڻي ۽ بهادر قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي ردعمل جنهن انداز ۾ صورتحال جو مقابلو ڪيو ان پوري قوم جا حوصلا بلند ڪري ڇڏيا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي، معرڪه حق دوران پاڪستان دشمن جي رڳو فوجي هدفن ۽ فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ان جي ابتڙ ڀارت اسان جي شهري علائقن تي حملا ڪيا. وفاقي وزير چيو ته جڏهن ڀارت جا 8 جهاز ڪيرايا ويا ته ڀارت جو غرور به زمين بوس ٿي ويو. دنيا آڏو فضائي معرڪه ۾ اسان جي برتري ثابت ٿي. هن چيو ته اسان جي بحريه به هر قسم جي جارحيت جي جواب جي لاءِ چوڪس ۽ تيار هئي، معرڪه حق ۾ پوري قوم متحد ۽ پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل هئي، اسان پنهنجي سياسي اختلافن کي پٺتي وجهي ڇڏيو. هن چيو ته پوري دنيا ڏٺو ته پهلگام فالس فليگ آپريشن ۽ پاڪستان تي هنيل بي بنياد الزامن کان شروع ٿي پاڪستان هر مرحلي تي صحيح حڪمت عملي اختيار ڪئي. پاڪستان جي ڪاميابي ان جو ثبوت آهي ته ملڪ ۾ مقامي طور تي تيار ڪيل دفاعي اوزار ۽ ٽيڪنالاجي ڪنهن کان گهٽ نه آهن. وفاقي وزير چيو ته معرڪه حق کانپوءِ پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيو آهي، عالمي سطح تي پاڪستان جي اهميت ۽ ڪردار نمايان ٿيو آهي. هاڻي پاڪستان جو نالو عزت سان ورتو وڃي ٿو ۽ ان کي هڪ سنجيده ملڪ جي طور تي ڏٺو وڃي ٿو جيڪو عالمي تڪرارن جي حل ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ دنيا پاڪستان جي صلاحيتن کي تسليم ڪري رهي آهي جڏهن ته ٻئي طرف اوڀر پاڙيسري ۾ سوين ارب ڊالر لابنگ فرمز ۽ پي آر فرمز تي خرچ ڪيا پر اڄ شائننگ انڊيا بدران اڪيلائپ جو شڪار آهي. هن چيو ته جڏهن ڪو ملڪ پنهنجو پورو بنياد ۽ بيانيو غلط معلومات ۽ پروپئگنڊه تي رکي، پنهنجي اندروني مسئلن کي ٻاهرئين ۽ ٻاهرئين مسئلن کي اندروني بڻائي، خطي ۾ بالادستي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، پاڻ کي ڏکڻ ايشيا جو ٿاڻيدار سمجهي ته اهو رستو ڪڏهن به ڪامياب نٿو ٿي سگهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته معرڪه حق سان قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ٿيو آهي، انشاءَ الله پاڪستان وڌيڪ ترقي ڪندو ۽ هن عظيم قوم جا ماڻهو پنهنجي تي فخر ڪندا رهندا.

مزید خبریں