اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدالتي نظام کي عوام دوست، شفاف ۽ تيز رفتار ۽ گهٽ لاڳت وارو بنائڻ لاءِ سڌارن وارا قدم جاري آهن، جڏهن ته انصاف جي فراهمي ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي اثرائتي استعمال، متبادل تڪراري حل ۽ صنفي حساس عدالتي نظام کي هٿي ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. اها ڳالهه هن يورپي يونين جي …
عدالتي نظام کي عوام دوست، شفاف ۽ تيز رفتار بنائڻ لاءِ پُرعزم آهيون: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدالتي نظام کي عوام دوست، شفاف ۽ تيز رفتار ۽ گهٽ لاڳت وارو بنائڻ لاءِ سڌارن وارا قدم جاري آهن، جڏهن ته انصاف جي فراهمي ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي اثرائتي استعمال، متبادل تڪراري حل ۽ صنفي حساس عدالتي نظام کي هٿي ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. اها ڳالهه هن يورپي يونين جي هڪ اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات دوران چئي، جنهن جي قيادت يورپي يونين جو سفير ريمنڊس ڪاروبلس ڪري رهيو هو. ملاقات سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اسلام آباد ۾ منعقد ٿي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي موجب وفد ۾ جيرون وليمس هيڊ آف ڪوآپريشن، پيوٽر بشٽاهيڊ آف پوليٽيڪل سيڪشن، سباسٽين لوريون گورننس اينڊ هيومن ڪيپيٽل ڊولپمينٽ ايڪسپرٽ ۽ اناڪيلي ڊولپمينٽ ايڊوائيزري (رول آف لا) شامل هئا. ان موقعي تي پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر نازيه شيخ سميت سپريم ڪورٽ ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن جا اعليٰ عملدار به موجود هئا. چيف جسٽس وفد کي عدليه ۾ جاري سڌارن وارن قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته انصاف جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو ۽ سستو بڻائڻ لاءِ ڊجيٽلائزيشن ۽ اداره جاتي بهتريءَ تي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي. هن چيو ته عدالتن ۾ ڪيسن جي بار ۾ گهٽتائي لاءِ ٽياڪڙي ۽ مصالحت جهڙن متبادل طريقن کي هٿي ڏني پئي وڃي، خاص ڪري واپار ۽ روينيو ڪيسن ۾ انهن قدمن جا هاڪاري اثر سامهون اچي رهيا آهن. ملاقات ۾ جينڊر ريسپانسيو جسٽس انيشيئٽو 27-2026ع تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ عدالتي ڪمپليڪسز ۾ عورت سهولت مرڪز جي قيام جي تجويز ڏني وئي ته جيئن عورت سائيلن کي محفوظ، مربوط ۽ اثرائتي سهولت فراهم ڪري سگهجي. پڌرائيءَ موجب ڳالهين دوران جبري گمشدگين بابت ڪيسن جي اداره جاتي حل ۽ آئيني دائره ڪار ۾ عدالتي آزاديءَ جي تحفظ بابت قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. يورپي يونين جي وفد پاڪستان جي عدليه جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته قانون جي حڪمراني، شفافيت، عدالتي ڪارڪردگي ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل انصاف جي نظام کي هٿي وٺرائڻ وارا قدم تعريف جوڳا آهن. وفد خاص طور تي ٽياڪڙي، صنفي حساس ۽ عوامي سهولتن تي ٻَڌل سڌارن جي حمايت جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ قانون جي حڪمراني، انساني حقن، عدالتي سگهه ۽ جامع طرزِ حڪمراني جي شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. آخر ۾ چيف جسٽس يورپي يونين جي وفد کي يادگاري شيلڊ پڻ پيش ڪئي.











