اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پنجتن گروپ آف انڊسٽريز ملائيشيا جي چيئرمين چوڌري عثمان ناصر گجر ۽ سي اي او چوڌري عمر ناصر ملاقات ڪئي. گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق گورنر هائوس اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ هنن، گورنر کي پنجتن گروپ جي سرگرمين کان آگاهه ڪيو. هنن، گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي …
خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پنجتن گروپ آف انڊسٽريز ملائيشيا جي چيئرمين چوڌري عثمان ناصر گجر ۽ سي اي او چوڌري عمر ناصر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پنجتن گروپ آف انڊسٽريز ملائيشيا جي چيئرمين چوڌري عثمان ناصر گجر ۽ سي اي او چوڌري عمر ناصر ملاقات ڪئي. گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق گورنر هائوس اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ هنن، گورنر کي پنجتن گروپ جي سرگرمين کان آگاهه ڪيو. هنن، گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ عوامي ترقي جي منصوبن ۾ موجود رڪاوٽن تي ڳالهيون ڪيون. گورنر، خيبر پختونخوا ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گورنر، وفد کي پنهنجي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.











