نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو آسٽريا جي پرڏيهي وزير بيٽ مائنل ريسنگر سان ٽيليفونڪ رابطو

اسلام آباد - 12 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آسٽريا جي پرڏيهي وزير بيٽ مائنل ريسنگر سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب آسٽريا جي پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪردار ۽ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي …

اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آسٽريا جي پرڏيهي وزير بيٽ مائنل ريسنگر سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب آسٽريا جي پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪردار ۽ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۽ ثالثي جي لاءِ پاڪستاني ڪوششن کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مسلسل سفارتي رابطن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جنهن ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي سهولتڪاري جون ڪوششون پڻ شامل آهن ته جيئن خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي برقرار رکي سگهجي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن مستقبل ۾ به ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں