اسلام آباد - 12 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن تازي علائقائي صورتحال ۽ پاڪستان پاران ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ سهولتڪاري جي جاري ڪوششن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن جو مقصد خطي ۽ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن تازي علائقائي صورتحال ۽ پاڪستان پاران ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ سهولتڪاري جي جاري ڪوششن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن جو مقصد خطي ۽ ان کان ٻاهر پائيدار امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ آهي. چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي پاڪستان جي تعميري ثالثي ڪردار کي ساراهيندي پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين پائيدار جنگبندي برقرار رکڻ ۽ آبنائي هرمز ۾ سامونڊي اچ وڃ جي معمول موجب تسلسل کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي وچ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي سلسلي ۾ تجويز ڪيل اعلى سطحي مٽاسٽا، تقريبن، ٻطرفي ۽ گهڻ رخي تعاون جي مختلف رخن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڌرين گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.











