بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ صوبي جي عوام جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ صوبي جي عوام جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار بلوچستان سان تعلق رکندڙ سينيئر سياستدانن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ وفد ۾ سينيٽر مير دوستين خان …

اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ صوبي جي عوام جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار بلوچستان سان تعلق رکندڙ سينيئر سياستدانن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ وفد ۾ سينيٽر مير دوستين خان ڊومڪي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري صوبائي وزير سردار عبدالرحمان کيتران، صوبائي اسيمبلي ميمبر سردار چنگيز مري ۽ مير خدا بخش مري شامل هئا. وزيراعظم چيو ته بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته انهن وسيلن مان صوبي جي عوام ڀرپور فائدو کڻي سگهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان گڏجي بلوچستان جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.

مزید خبریں