وزيراعظم پاران اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ صوبائي حڪومتن سان گڏجي سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جي هدايت

اسلام آباد - 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ صوبائي حڪومتن سان گڏجي سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جو جديد ۽ پائيدار نظام متعارف ڪرائڻ ۽ سالڊ ويسٽ مان بجلي پيدا ڪرڻ جي لاءِ جامع روڊ ميپ تيار ڪرڻ ۽ ان مقصد جي لاءِ ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي حوالي …

اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ صوبائي حڪومتن سان گڏجي سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جو جديد ۽ پائيدار نظام متعارف ڪرائڻ ۽ سالڊ ويسٽ مان بجلي پيدا ڪرڻ جي لاءِ جامع روڊ ميپ تيار ڪرڻ ۽ ان مقصد جي لاءِ ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، علي پرويز ملڪ، اويس احمد خان لغاري، وزيراعظم جي صلاحڪارن راڻا ثناءُ الله ۽ محمد علي سان گڏوگڏ لاڳاپيل ادارن جي اعلى آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم سالڊ ويسٽ سان توانائي ٺاهڻ جي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تجويز ڪرڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. هن اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ صوبائي حڪومتن سان گڏجي سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جو جديد ۽ پائيدار نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. بيان موجب وزيراعظم سالڊ ويسٽ مان بجلي پيدا ڪرڻ جي لاءِ جامع روڊ ميپ تيار ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ هڪ جامع حڪمت عملي تجويز ڪرڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جي هدايت ڪئي جيڪا جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي تجربن جي روشني ۾ سفارشون جوڙيندي. وزيراعظم تجويز ڪيل ٽاسڪ فورس ۾ نجي شعبي ۽ عالمي شهرت رکندڙ ماهرن جي شموليت يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته سالڊ ويسٽ سان توانائي پيدا ڪرڻ سان درآمدي ٻارڻ تي دارومدار وڌيڪ گهٽ ٿيندو ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي هڪ بهتر نظام سان ڪاربن فٽ پرنٽ ۾ پڻ تمام گهڻي گهٽتائي ممڪن ٿيندي. هن چيو ته پائيدار ترقي جي لاءِ توانائي جا ماحول دوست قابل تجديد ذريعا استعمال ۾ آڻڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي.

مزید خبریں