قومي اسيمبلي ۾ ڪيترائي بل ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون پيش

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي اجلاس دوران گذريل ڏينهن ڪيترائي بل ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون ايوان ۾ پيش ڪيون ويون. سيد نويد قمر پارلياماني بجيٽ آفيس بل 2025ع تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏني. هن رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. چوڌي محمود بشير ورڪ عام مفادن جي انڪشافن واري ترميمي بل 2025 تي …

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي اجلاس دوران گذريل ڏينهن ڪيترائي بل ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون ايوان ۾ پيش ڪيون ويون. سيد نويد قمر پارلياماني بجيٽ آفيس بل 2025ع تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏني. هن رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. چوڌي محمود بشير ورڪ عام مفادن جي انڪشافن واري ترميمي بل 2025 تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. سيد طارق حسن ڪي پي ڪي ۾ آبادگارن جي حقن جي تحفظ بابت اعتراض واري نقطه تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي قومي صحت ۽ خدمتن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيل مختصر نوٽيس جي سوال تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي، فتح الله خان، پي آءِ اي اڏامن جي متاثرن سان لاڳاپيل ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. فتح الله خان 5 نومبر 2025ع تي ڪميٽي جي حوالي ڪيل نشان دار سوال نمبر هڪ تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. فتح الله خان 13 جنوري 2025ع تي ڪميٽي جي حوالي ڪيل نشان دار سوال نمبر 153 تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. ناز بلوچ فوجداري قانون (ترميمي بل) 2025 سينيٽ مان منظور ٿيل صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، جنهن جي پارلياماني معاملن واري وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري مخالفت نه ڪئي، ڊپٽي اسپيڪر بل لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪيو. سيد وسيم حسن پوليو جي خاتمي ۽ بحالي بل 2026 پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو. سيده شهلا رضا پاڪستان بيت المال ترميمي بل 2025 ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي ڊپٽي اسپيڪر لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪيو. شائسته خان رياستي ملڪيتي اداري جي انتظام بابت ترميمي بل 2025 سينيٽ مان منظور هجڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪيو.

مزید خبریں