مڪو شريف- 12 مئي (اي پي پي) حج 2026ع جي عظيم الشان اجتماع کان اڳ سعودي عرب جي حڪومت سڄي دنيا جي ميڊيا نمائندن کي حج انتظامن ۽ مقدس هنڌن جي روحاني ۽ تاريخي اهميت کان آگاهه ڪرڻ لاءِ خصوصي ميڊيا ٽوئر جو اهتمام ڪيو. مڪه سٽي ۽ مشاعر مقدس بابت رائل ڪميشن ۽ جنرل اٿارٽي فار ميڊيا ريگيوليشن جي شراڪتداري سان منعقد ان دوري ۾ پاڪستان سميت مختلف ملڪن …
مڪو شريف ۾ حج 2026ع جون تياريون مڪمل، رائل ڪميشن ۽ ميڊيا اٿارٽي جو عالمي صحافين لاءِ جمرات، مشاعر مقدس ۽ ام القري يونيورسٽي جو خصوصي دورو
مڪو شريف- 12 مئي (اي پي پي) حج 2026ع جي عظيم الشان اجتماع کان اڳ سعودي عرب جي حڪومت سڄي دنيا جي ميڊيا نمائندن کي حج انتظامن ۽ مقدس هنڌن جي روحاني ۽ تاريخي اهميت کان آگاهه ڪرڻ لاءِ خصوصي ميڊيا ٽوئر جو اهتمام ڪيو. مڪه سٽي ۽ مشاعر مقدس بابت رائل ڪميشن ۽ جنرل اٿارٽي فار ميڊيا ريگيوليشن جي شراڪتداري سان منعقد ان دوري ۾ پاڪستان سميت مختلف ملڪن جي صحافين جمرات، ميدان عرفات، مزدلفه ۽ ام القري يونيورسٽي جو مشاهدو ڪيو. وفد منيٰ ۾ جمرات پل جو معائنو ڪيو جتي روزانو لکين حاجين جي محفوظ رمي لاءِ 5 منزل جديد ڍانچو فعال آهي. اها پل في ڪلاڪ ۾ 3 کان 5 لک حاجين کي پار ڪرڻ جي گنجائش رکي ٿي. شديد گرمي کي نظر ۾ رکندي مسٽ ڪولنگ سسٽم نصب آهي جيڪو گرمي پد کي 29 ڊگري تي برقرار رکندو آهي.ميڊيا نمائندن کي عرفات جو ميدان، جبل رحمت ۽ مسجد نمره جو دورو ڪرايو ويو، 65 ميٽر اونچو جبل رحمت اهو تاريخي هنڌ آهي جتي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم حجته الوداع جو خطبو ارشاد فرمايو هو. ”الحج عرفه“ جي نبوي فرمان کي نظر ۾ رکندي هن سال پوري حج مشن ۾ ”سمارٽ هجوم مئنيجمنٽ ٽيڪنالاجي“ استعمال ڪئي پئي وڃي، جنهن سان زائرين جي چر پر جي هر لمحي جو تجزيو ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوه جديد مانيٽرنگ سيلز قائم ڪيا ويا آهن. دوري جي آخري مرحلي ۾ صحافين ام القري يونيورسٽي جي مرڪز مخطوطات جو معائنو ڪيو، جتي اٺين صدي هجري جي قديم مصاحف،هرڻ جي کل تي لکيل خط ڪوفي جو شاهڪار ۽ 20 هزار کان وڌيڪ تاريخي دستاويز محفوظ آهن . يونيورسٽي ان ناياب علمي نودارات کي جديد سائنسي ليبارٽريز ۾ محفوظ ڪرڻ بعد هاڻي علمي محققن لاءِ ڊجيٽلائيز ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي پاڪستاني ميڊيا جي نمائندي خادم الحرمين الشريفين طرفان فراهم ڪيل عالمي معيار جي سهولت کي ساراهيو.












