سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ ٻين نار وارن ملڪن مان ڏيهه آيل مٽا سٽا واري ناڻي ۾ اضافو

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ ٻين نار وارن ملڪن مان ڏيهه آيل مٽاسٽا واري ناڻي ۾ جاري مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ سالياني بنيادن تي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ سعودي عرب، يو اي اي ۽ نار ڪائونسل جي ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ …

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ ٻين نار وارن ملڪن مان ڏيهه آيل مٽاسٽا واري ناڻي ۾ جاري مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ سالياني بنيادن تي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ سعودي عرب، يو اي اي ۽ نار ڪائونسل جي ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين 17.95 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو ڏيهه اماڻيو. جيڪو گذريل مالي سال جي انهي مُدي جي ڀيٽ ۾ 5.50 سيڪڙو وڌيڪ آهي، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ وچ اوڀر جي ملڪن کان آيل مٽاسٽا جو ڳاڻيٽو 17.013 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. جاري مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ سعودي عرب کان مٽاسٽا جي ناڻي جو ڳاڻيٽو 7.929 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي انهي مُدي جي 7.608 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ 4 سيڪڙو وڌيڪ آهي، ان مُدي ۾ گڏيل عرب امارات کان مٽاسٽا واري ناڻي جو ڳاڻيٽو 7.008 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي انهي مدت جو 6.358 ارب ڊالر جي مقابلي ۾ 10 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اهڙي طرح مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ قطر، ڪويت، بحرين ۽ اومان ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين 3.217 ارب ڊالر جو مٽاسٽا وارو ناڻو ڏيهه موڪليو، جيڪو گذريل مالي سال جي انهي مدت جو 3.047 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ 6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. جاري مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ مٽاسٽا واري ناڻي جو مجموعي ڳاڻيٽو 33.86 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي انهي مدت جو 31.20 ارب ڊالر جي مقابلي ۾ 8 سيڪڙو آهي.

مزید خبریں