اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد، لڪي مروت بازار ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته سراءِ نورنگ ڌماڪي ۾ 2 پوليس اهلڪارن سميت 7 ڄڻن جي شهادت تي دلي افسوس آهي، شهيدن جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان. سينيٽر روبينه خالد چيو ته دهشتگردي جا واقعا قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن. هن چيو …
سينيٽر روبينه خالد پاران لڪي مروت ۾ ڌماڪي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد، لڪي مروت بازار ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته سراءِ نورنگ ڌماڪي ۾ 2 پوليس اهلڪارن سميت 7 ڄڻن جي شهادت تي دلي افسوس آهي، شهيدن جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان. سينيٽر روبينه خالد چيو ته دهشتگردي جا واقعا قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته معصوم شهرين ۽ پوليس اهلڪارن کي نشانو بنائڻ کليل دهشتگردي آهي. دهشتگرد انسانيت ۽ امن جا دشمن آهن. هن چيو ته هو زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيان. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوري قوم ۽ سيڪيورٽي ادارا متحد آهن ۽ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.











