وفاقي حڪومت بين الصوبائي رابطن واري ڊويزن جي سيڪريٽري کي ڊي جي پي ايس بي، جي واڌو چارج سونپي ڇڏي

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) وفاقي حڪومت بين الصوبائي رابطن واري سيڪريٽري (آءِ پي سي) محي الدين احمد واني کي ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان اسپورٽس بورڊ (پي ايس بي) جي واڌو چارج سونپي ڇڏي، جڏهن ته محمد ياسر پيرزاده کي پنهنجي اداري ايف بي آر واپس اُماڻي ڇڏيو آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان جاري ڌار ڌار نوٽيفڪيشن موجب گريڊ 22 جي آفيسر محي الدين احمد واني پنهنجي موجوده فرضن سان …

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) وفاقي حڪومت بين الصوبائي رابطن واري سيڪريٽري (آءِ پي سي) محي الدين احمد واني کي ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان اسپورٽس بورڊ (پي ايس بي) جي واڌو چارج سونپي ڇڏي، جڏهن ته محمد ياسر پيرزاده کي پنهنجي اداري ايف بي آر واپس اُماڻي ڇڏيو آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان جاري ڌار ڌار نوٽيفڪيشن موجب گريڊ 22 جي آفيسر محي الدين احمد واني پنهنجي موجوده فرضن سان گڏوگڏ ڊائريڪٽر جنرل پي ايس بي جون ذميداريون به سرانجام ڏيندو. اها مقرري ٽن مهينن جي مُدي يا مستقل ڊائريڪٽر جنرل جي مقرريءَ تائين ڪئي وئي آهي. هن عهدي تي فوري طور تي آئينده حڪمن تائين ذاتي حيثيت ۾ کيس اپ گريڊ ڪيو ويو آهي. اِن لينڊ روينيو سروس جي گريڊ 20 جي آفيسر محمد ياسر پيرزاده کي فوري طور تي ايف آر واپس اُماڻي ڇڏيو آهي. ياسر پيرزاده آءِ پي سي ڊويزن تحت ڊي جي پي ايس بي ڊيپوٽيشن تحت خدمتون انجام ڏئي رهيو هو. سندس واپسي آءِ پي سي ڊويزن طرفان هلندڙ سال جي شروعات ۾ ڪيل درخواست کان پوءِ عمل ۾ آندي وئي.

مزید خبریں