وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان ايراني سفير جي ملاقات

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته فارماسيوٽيڪل، ويڪسين سازي ۽ ٻين طبي شعبن ۾ ترقيءَ جي وسيع گنجائش موجود آهي. اهڙو اظهار هن پاڪستان ۾ ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم سان ملاقات دوران ڪيو. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ صحت جي شعبي سميت ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ …

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته فارماسيوٽيڪل، ويڪسين سازي ۽ ٻين طبي شعبن ۾ ترقيءَ جي وسيع گنجائش موجود آهي. اهڙو اظهار هن پاڪستان ۾ ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم سان ملاقات دوران ڪيو. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ صحت جي شعبي سميت ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌُرين پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ پُراڻن ڀائراڻن ناتن کي ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي ۽ ٻين شهيد معصوم ٻارن جي شهيدن تي وڏو ڏُک آهي. هن چيو ته پاڪستاني عوام ان ڏُکئي وقت ۾ ايراني عوام سان گڏ آهي. ايراني سفير تازي تڪرار دوران پاڪستان جي حمايت کي ساراهيندي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي هاڪاري ڪردار جي تعريف ڪئي. هن چيو ته ٻئي ملڪ صحت جي شعبي ۾ ويجهي ڀائيواريءَ لاڳاپن ذريعي هڪٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪندا. ايراني سفير چيو ته ايران، پاڪستان سان صحت جي شعبي گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهي. صحت جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن طرفان اعليٰ سطحي ڪميٽيون جوڙڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو. وفاقي وزير مطابق پاڪستان طرفان سي اي او ڊريپ، صحت جي قومي اداري جي سي اي او ۽ جوائنٽ سيڪريٽري ايڊمن تي ٻَڌل نمائنده ڪميٽي نوٽيفاءِ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ايران به پنهنجي نمائنده ڪميٽي نامزد ڪندو، جيڪي گڏيل منصوبن ۽ ٻه طرفي سهڪار جي موقعن جو تعين ڪندا. هن مقامي سطح تي ويڪسين جي تياريءَ ۾ پاڪستان جي نمايان اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو.

مزید خبریں