اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪويت پيٽروليم ۽ توانائي جي شعبن خاص ڪري ريفائننگ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان ۾ اسٽريٽجڪ اسٽوريج جي قيام بابت نَوان امڪان تلاش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن لاءِ گڏيل طور فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب ان عزم جو اظهار پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ پاڪستان ۾ ڪويت …
پاڪستان ۽ ڪويت جو پيٽروليم ۽ توانائي جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪويت پيٽروليم ۽ توانائي جي شعبن خاص ڪري ريفائننگ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان ۾ اسٽريٽجڪ اسٽوريج جي قيام بابت نَوان امڪان تلاش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن لاءِ گڏيل طور فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب ان عزم جو اظهار پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ پاڪستان ۾ ڪويت جي سفير ناصر عبدالرحمان المطيري هتي ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ علائقائي صورتحالي، توانائي جي شعبي ۾ سهڪار ۽ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ سميت گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير ڪويت جي حڪومت جو وقت سر سهولتڪاري ۽ سهڪار تي ٿورو ادا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊيزل سپلاءِ کڻي ايندڙ سامونڊي جهاز خيريت سان پاڪستان پهتو. هن چيو ته آبناءِ هرمز جي بندش سان پيدا ٿيندڙ رڪاوٽن کان پوءِ ڪويت مان خاص منظورين تحت هن جهاز اٽڪل 45 هزار ٽن ڊيزل ۽ 10 هزار ٽن جيٽ فيول ڪويت مان پاڪستان آندو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پُرعزم آهي، جڏهن ته جاري تڪرار جا اثر نه صرف خطي پر ان کان ٻاهر به محسوس ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل ڪاوشن سان سامونڊي جهاز حفاظت سان پاڪستان پهتو جنهن سان ملڪ ۾ ٻارڻ جي مسلسل فراهمي ۽ قومي توانائي ضرورتن کي برقرار رکڻ ۾ مدد ملي. سفير خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ڪويت پاڪستان جي عوام طرفان خطي ۾ امن لاءِ تعميري ڪردار جي تسلسل جي حوصله افزائي ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ذميداراڻي مؤقف ذريعي پاڻ کي ثابت ڪيو آهي ۽ هاڻ عالمي برادريءَ ۾ پاڪستان کي هڪ نئين ۽ بلند مقام تي ڏٺو پيو وڃي.











