حڪومت علاج تي ٻَڌل نظام کان هٽي بيمارين کان بچاءُ تي ڌيان ڏيڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي: سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ملڪ جي موجوده آبادي اٽڪل 24 ڪروڙ تائين پهچي چڪي آهي، جڏهن ته هر سال لکين ٻارن جي پيدائش صحت جي نظام تي دٻاءُ ۾ مسلسل واڌ ڪري رهي آهي، جنهن سبب روايتي انداز ۾ صرف اسپتالن، ڊاڪٽرن ۽ دوائن ذريعي مسئلن جو حل ممڪن ناهي رهيو، جيڪڏهن وڏي انگ ۾ ماڻهو هڪ …

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ملڪ جي موجوده آبادي اٽڪل 24 ڪروڙ تائين پهچي چڪي آهي، جڏهن ته هر سال لکين ٻارن جي پيدائش صحت جي نظام تي دٻاءُ ۾ مسلسل واڌ ڪري رهي آهي، جنهن سبب روايتي انداز ۾ صرف اسپتالن، ڊاڪٽرن ۽ دوائن ذريعي مسئلن جو حل ممڪن ناهي رهيو، جيڪڏهن وڏي انگ ۾ ماڻهو هڪ ئي وقت بيمار ٿين ته دنيا جو ڪوبه ملڪ ان بار کي برداشت نٿو ڪري سگهي، جهڙوڪ ڪووڊ 19 دوران ڏٺو ويو، جڏهن اُسرندڙ ملڪ پڻ صحت جي نظام سبب شديد دٻاءُ جو شڪار ٿيا، ان روشنيءَ ۾ پاڪستان جي نظام کي سِڪ ڪيئر کان هيلٿ ڪيئر يعني بيماريءَ کان پوءِ علاج بدران بيماريءَ کان اڳ بچاءُ طرف منتقل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت قرار ڏنو پيو وڃي. اهڙو اظهار هن پاڪ چائينا فارماسيوٽيڪل انويسٽمينٽ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي ۽ صحت جي شعبي کي درپيش چئلينجز کي نظر ۾ رکندي حڪومت علاج تي ٻَڌل نظام کان هٽي بيمارين تي ڌيان ڏيڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومت ماهرن ۽ عالمي ڀائيوارن جي صلاح مشوري سان هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي آهي، جنهن تحت صحت جي نظام کي اسپتالن جي حدن کان ٻاهر ڪڍي بنيادي سطح تي مضبوط بنائڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، ان ۾ خانداني منصوبا بندي، پيدائش ۾ مناسب وقفو، صاف پاڻيءَ جي فراهمي، حفاظتي ٽُڪن، متوازن غذا ۽ صحتمند طرزِ زندگيءَ کي بنيادي ٿنڀ قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته دوائن ۽ علاج جي شعبي ۾ تحقيق کي هٿي وٺرائڻ کي به ترجيح ڏني پئي وڃي، جتي خوراڪ، غذائيت ۽ ٻوٽن مان حاصل ٿيندڙ دوائن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، ان مقصد لاءِ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي پاڪستان ۾ هڪ خاص ڊيسڪ قائم ڪيو آهي، جيڪو روايتي ۽ جڙي ٻوٽين تي ٻَڌل دوائن جي سائنسي جاچ، ڪيميڪل ٽرائلز ۽ معيار کي يقيني بنائڻ معاونت فراهم ڪندو ته جيئن صارفين ۽ صنعت ٻنهي جو اعتماد بحال ٿي سگهي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي مقررن پاڪستان جي عالمي ڪردار تي به روشني وڌي ۽ چيو ته ويجهي عرصي ۾ پاڪستان جي عالمي اهميت ۾ واڌ ٿي آهي، جنهن تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي. هن قومي قيادت خاص ڪري وزيراعظم، آرمي چيف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته پاڪستان اڄ عالمي سطح تي هڪ نمايان مقام حاصل ڪري چڪو آهي ۽ دنيا جون نظرون ان تي کُتل آهن. هن چيو ته عالمي ڌيان سان ذميداريون به وڌيون آهن، تنهنڪري هي وقت صرف ڪاميابين تي خوش ٿيڻ جو ناهي پر سنجيدگي، حڪمت عملي ۽ قومي يڪجهتيءَ سان اڳتي وڌڻ جو آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان پنهنجي داخلي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو پر عالمي سطح تي به هاڪاري ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪندو رهندو.

مزید خبریں