قومي اسيمبلي جي ميمبر اعجاز حسين جکراڻي جي مرحوم پُٽ جي ايصال ثواب لاءِ پارليامينٽ هائوس ۾ فاتحه خواني ڪئي وئي

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي ۽ چيف وهپ پاڪستان پيپلز پارٽي اعجاز حسين جکراڻي جي مرحوم پُٽ جي روح جي ايصال ثواب لاءِ اڱاري ڏينهن فاتحه خواني ڪئي وئي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق فاتحه خواني ۾ شرڪت ڪئي. فاتحه خوانيءَ ۾ وفاقي وزيرن، قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سينيٽرن شرڪت ڪئي. اسپيڪر، اعجاز حسين جکراڻي سان سندس پُٽ جي لاڏاڻي …

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي ۽ چيف وهپ پاڪستان پيپلز پارٽي اعجاز حسين جکراڻي جي مرحوم پُٽ جي روح جي ايصال ثواب لاءِ اڱاري ڏينهن فاتحه خواني ڪئي وئي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق فاتحه خواني ۾ شرڪت ڪئي. فاتحه خوانيءَ ۾ وفاقي وزيرن، قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سينيٽرن شرڪت ڪئي. اسپيڪر، اعجاز حسين جکراڻي سان سندس پُٽ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ۽ درجن جي بلنديءَ لاءِ دُعا ڪئي. هن چي ته جوان پُٽ جو لاڏاڻو وڏو تڪليف ڏيندڙ ۽ وڏو صدمو آهي. ان ڏُکئي وقت ۾ اعجاز حسين جکراڻي ۽ سندس ڪٽنب جي ڏُک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. اسپيڪر الله تعاليٰ کان اعجاز حسين جکراڻي ۽ سندس وارثن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي.

مزید خبریں