اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته نوجوانن کي جديد مهارتن ۽ عالمي ٻولين سان سينگارڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جڏهن ته جاپان پاڪستان ترقياتي مرڪز ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هو علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ جاپان پاڪستان ترقياتي مرڪزن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، جنهن …
نوجوانن کي جديد مهارتن ۽ عالمي ٻولين سان سينگارڻ وقت جي اهم ضرورت آهي: چوڌري سالڪ حسين

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته نوجوانن کي جديد مهارتن ۽ عالمي ٻولين سان سينگارڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جڏهن ته جاپان پاڪستان ترقياتي مرڪز ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هو علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ جاپان پاڪستان ترقياتي مرڪزن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، جنهن ۾ پاڪستان ۾ جاپان جي سفير آڪاماتسو شوئيچي به شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته هي مرڪز ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعليمي، ثقافتي ۽ معاشي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ پاڪستان ۽ جاپان جي دوستيءَ کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. هن چيو ته هي مرڪز پاڪستاني نوجوانن لاءِ جاپان ۾ انٽرپرينيورشپ ۽ پيشيوراڻن موقعن تائين پهچ جا نَوان دروازا کولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. تقريب کان اڳ وفاقي وزير، جاپاني سفير ۽ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳايو ۽ پاڪستان ۽ جاپان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ خاص دُعا پڻ ڪئي. تقريب جي شروعات پاڪستان ۽ جاپان جي قومي تراني سان ٿي. يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود چيو ته ان مرڪز جو قيام پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ تعليمي ۽ ثقافتي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. هن چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي هميشه جديد تعليم، تحقيق ۽ عالمي رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪندي رهي آهي ۽ هي مرڪز ان ويزن جي عملي تعبير آهي. جاپاني سفير ٻنهي ملڪن جي دوستاڻن ناتن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ تعليمي سهڪار مستقبل ۾ وڌيڪ هٿي وٺندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي مرڪز نوجوانن کي نه صرف جاپاني ٻولي سکڻ جا موقعا فراهم ڪندو پر سندن پيشيوراڻي ترقي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو رهندو.











