اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ڪيمبرج امتحانن جي مبينه پرچن جي لِيڪ هئڻ جي واقعي تي گهري ڳڻتي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اهڙا واقعا هزارين شاگردن ۽ سندن والدين لاءِ شديد ذهني دٻاءُ ۽ بي يقيني جو سبب بڻجن ٿا، خاص ڪري انهن شاگردن لاءِ جيڪي محنت ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجي تياري …
تعليم واري وفاقي وزير پاران ڪيمبرج امتحاني پرچن جي مبينه لِيڪ ٿيڻ جي واقعي جو نوٽيس

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ڪيمبرج امتحانن جي مبينه پرچن جي لِيڪ هئڻ جي واقعي تي گهري ڳڻتي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اهڙا واقعا هزارين شاگردن ۽ سندن والدين لاءِ شديد ذهني دٻاءُ ۽ بي يقيني جو سبب بڻجن ٿا، خاص ڪري انهن شاگردن لاءِ جيڪي محنت ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجي تياري ڪن ٿا. وفاقي وزير چيو ته اهو انتهائي سنجيده معاملو آهي، خاص ڪري گذريل سال به ان نوعيت جا واقعا سامهون آيا هئا. ڪيمبرج کي گهرجي ته هو پنهنجي امتحاني نظام، سيڪيورٽي پروٽوڪولز ۽ نگرانيءَ جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو، مضبوط بڻائي ته جيئن شاگردن جي اعتماد کي بحال رکي سگهجي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ان معاملي جو فوري نوٽيس وٺندي آءِ بي سي سي کي هدايت ڪئي ته هو ڪيمبرج عملدارن سان فوري رابطو قائم ڪري معاملي جي مڪمل جاچ، حقيقتن جي وضاحت ۽ شاگردن جي مفادن جي تحفظ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدمن کي يقيني بڻائي. وفاقي وزير واضح ڪيو ته پاڪستان حڪومت شاگردن جي تعليمي مستقبل، شفاف امتحاني نظام ۽ ميرٽ جي تحفظ تي ڪو سمجهوتو نه ڪندي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي ذميداريءَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو پوندو.











