وفاقي وزير محمد عباسي عباسي پاران ريلوي جي شهيد ملازم جي ايمانداريءَ جي اعتراف ۾ شهادت کانپوءِ کيس ستاره شجاعت عطا ڪرڻ جي سفارش

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ريلوي جي شهيد ملازم لياقت علي کي غير معمولي بهادري، ايمانداري ۽ دهشتگرديءَ خلاف جرائتمنداڻي ڪردار جي اعتراف ۾ کيس شهادت کانپوءِ ستاره شجاعت عطا ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته شهيد لياقت علي جي غير معمولي جرائت، حاضر دماغي ۽ ايمانداريءَ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ …

اسلام آباد- 12 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ريلوي جي شهيد ملازم لياقت علي کي غير معمولي بهادري، ايمانداري ۽ دهشتگرديءَ خلاف جرائتمنداڻي ڪردار جي اعتراف ۾ کيس شهادت کانپوءِ ستاره شجاعت عطا ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته شهيد لياقت علي جي غير معمولي جرائت، حاضر دماغي ۽ ايمانداريءَ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ دهشتگرد کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت دوران دهشتگرد پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ لياقت علي شهيد ٿي ويو. ريلوي واري وزارت مطابق وفاقي وزير چيو ته شهيد جي وقت سر ۽ دليراڻي ڪارروائي سبب هڪ وڏي سانحي کي ٽاري ڇڏيو، جيڪي قيمتي انساني جانين ۽ ويجهي چيڪ پوسٽ کي شديد نقصان پهچي سگهيو ٿي. محمد حنيف عباسي چيو ته اهو واقعو رياستي ادارن جي ملازمن جي قرباني، ايمانداري ۽ دهشتگرديءَ خلاف پُختي عزم جو روشن مثال آهي. لياقت علي جان قربان ڪري ثابت ڪيو ته پاڪستان جا پُٽ پنهنجي فرض کي هر شيءِ کان مٿانهون رکن ٿا. وفاقي وزير چيو ته شهيد جي بهادري ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهي ۽ سندس قرباني هميشه ياد رکي ويندي.

مزید خبریں