اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پارليامينٽ لاجز ۾ ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي جي رهائشگاهه تي ويو ۽ سندس نوجوان پٽ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. سيد يوسف رضا گيلاني مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتڻه خواني ڪئي ۽ سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اولاد جو ڏک …
سينيٽ چيئرمين پاران اعجاز حسين جکراڻي جي رهائشگاهه تي آمد، سندس نوجوان پٽ جي لاڏاڻي تي تعزيت

مزید خبریں
اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پارليامينٽ لاجز ۾ ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي جي رهائشگاهه تي ويو ۽ سندس نوجوان پٽ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. سيد يوسف رضا گيلاني مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتڻه خواني ڪئي ۽ سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اولاد جو ڏک برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي ۽ ان ڏکوئيندڙ گهڙي ۾ هو ڏکويل خاندان سان ڏک م برابر جو شريڪ آهي. سيد يوسف رضا گيلاني اعجاز حسين جکراڻي سان ڪجه وقت گذاريو ۽ کيس صبر ۽ حوصلي جي تلقين ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو عظيم صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق ڏئي. ان موقعي تي ايم اين اي سيد عبدالقادر گيلاني، ايم اين اي سيد علي قاسم گيلاني ۽ ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجو به سينيٽ چيئرمين سان گڏ هئا.











