ملڪ ۾ اسڪولن کان ٻاهر رهندڙ ٻارن جي داخلا ۽ کين هنر سيکارڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: وجيهه قمر

اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ اسڪولن کان ٻاهر رهندڙ ٻارن جي داخلا ۽ کين هنر سيکارڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.  وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايتن تي ايجوڪيشن وائوچر شروع ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ 2 ڪروڙ 60 لک ٻارن جي اسڪولن ۾ نه هجڻ بابت ابرار احمد، انجم عقيل خان …

اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ اسڪولن کان ٻاهر رهندڙ ٻارن جي داخلا ۽ کين هنر سيکارڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.  وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايتن تي ايجوڪيشن وائوچر شروع ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ 2 ڪروڙ 60 لک ٻارن جي اسڪولن ۾ نه هجڻ بابت ابرار احمد، انجم عقيل خان ۽ ملڪ شاڪر بشير اعواڻ جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي مملڪتي وزير وجيهه  قمر  ايوان کي ٻڌايو ته سندن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن جي ڪري ٻار اسڪول نٿا وڃن، 18هن ترميم کان پوءِ صوبا به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف تعليمي ايمرجنسي پروگرام شروع ڪيو، گادي واري هنڌ ۾ هڪ جامع پروگرام تي عمل درآمد شروع ڪيو ويو آهي. 36 مان 30 يوسيز ۾ سروي مڪمل ڪيو ويو آهي ، 5 سال کان 9 سال تائين ۽ 9 سالن کان 15 سالن تائين عمر جي ٻارن لاءِ الڳ الڳ منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، 9 سال کان 15 سالن تائين جي ٻارن جي سرٽيفڪيشن تي ڪم ٿي رهيو آهي، اين سي ايڇ ڊي  مدرسن ۾ به هڪ پروگرام شروع ڪيو آهي، اسڪولن ۾ مسئلن جي حل لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته 38هين ڪانفرنس ۾ صوبن جي صورتحال به شيئر ڪئي وئي. صوبن کي فني مدد به فراهم ڪئي پئي وڃي. انجم عقيل خان جي سوال تي هن يو ته ڊيٽا جو هميشه مسئلو رهيو آهي، ڊيٽا پروٽوڪول لاءِ اثرائتي انداز ۾ ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم  جي هدايت تي ايجوڪيشن وائوچر شروع ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ اسڪولن ۾ ايوننگ شفٽس شروع ڪيون ويون آهن 22356  نوان شاگرد اسڪولن ۾ داخل ٿيا آهن. هن چيو ته رسائي، مائيگريشن، موسمياتي ۽ مالياتي سميت ڪيترائي عمل آهن جن جي ڪري ٻار اسڪول ۾ نه اچي رهيا اهن. مڊل ۽ ميٽرڪ تائين پروگرام جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. ملڪ شاڪگر بشير اعواڻ جي ضمني سوال تي هن چيو ته اين سي ايڇ ڊي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جڏهن ته 18هين ترميم تحت ڪميشن اسلام آباد ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪم ڪري سگهي ٿو. صوبائي حڪومتون پنهنجا منصوبا وفاق سان شيئر ڪيا آهن، وفاقي حڪومت هر ممڪن فني مدد فراهم ڪري رهي آهي.

مزید خبریں