اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڊائريڪٽوريٽ آف ريليجئس ايجوڪيشن مدرسن جي تعليمي مسئلن جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. گذيل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نعيمه ڪشور خان جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي مملڪتي وزير وجيهه قمر ايوان کي ٻڌايو ته مدرسن جي مسئلن جي حوالي سان ڊائريڪٽوريٽ آف ريليجيئس ايجوڪيشن پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو …
ڊائريڪٽوريٽ آف رليجيئس ايجوڪيشن مدرسن جي تعليمي مسئلن جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: مملڪتي وزير وجيهه قمر

مزید خبریں
اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڊائريڪٽوريٽ آف ريليجئس ايجوڪيشن مدرسن جي تعليمي مسئلن جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. گذيل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نعيمه ڪشور خان جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي مملڪتي وزير وجيهه قمر ايوان کي ٻڌايو ته مدرسن جي مسئلن جي حوالي سان ڊائريڪٽوريٽ آف ريليجيئس ايجوڪيشن پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سمورن مدرسن کي سندن رجسٽريشن حاصل ڪرڻ گهرجي. بلوچستان جي مدرسن کي ڊائريڪٽوريٽ مان رجسٽريشن ڪرائڻ گهرجي. نعيمه ڪشور خان جي ضمني سوال تي هن چيو ته تعليم ۽ تربيت جي فراهمي ۾ مدرسن جو پنهنجو ڪردار آهي، حڪومت ڪنهن کي تنگ نه ڪري رهي آهي، ڊائريڪٽوريٽ آف رليجئيس ايجوڪيشن مان رجسٽريشن جو مقصد سهولتن جي فراهمي کي باضابطا بڻائڻ آهي، عاليه ڪامران چيو ته وزيراعظم مدرسن جي حوالي سان جيڪو واعدو ڪيو آهي ان تي عمل ٿيڻ گهرجي.











