ٿائيلينڊ ۾ هاٿين جي ڏندن جي اسمگلنگ، 8 ڪروڙ روپين جي رڪارڊ کيپ پڪڙي وئي، 9 ڄڻا گرفتار

بينڪاڪ-12 مئي (اي پي پي) ٿائيلينڊ جي پوليس اسمگل ٿيل هاٿين جي ڏندن جي وڏي کيپ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٿائيلينڊ جي حڪومت رپورٽ ڪيو آهي ته اهو گروهه فيس بڪ ذريعي آفريقي هاٿين جا ڏند وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ٿائيلينڊ جي اينٽي وائلڊ لائيف ٽريفڪنگ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اها ڪارروائي ٿائيلينڊ جي ستن مختلف صوبن ۾ ڪئي وئي جڏهن …

بينڪاڪ-12 مئي (اي پي پي) ٿائيلينڊ جي پوليس اسمگل ٿيل هاٿين جي ڏندن جي وڏي کيپ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٿائيلينڊ جي حڪومت رپورٽ ڪيو آهي ته اهو گروهه فيس بڪ ذريعي آفريقي هاٿين جا ڏند وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ٿائيلينڊ جي اينٽي وائلڊ لائيف ٽريفڪنگ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اها ڪارروائي ٿائيلينڊ جي ستن مختلف صوبن ۾ ڪئي وئي جڏهن ته پوليس ٿائيلينڊ جي 9 شهرين کي گرفتار ڪيو آهي، جن تي الزام آهي ته هو فيس بڪ تي هڪ پرائيوٽ گروپ هلائي رهيا هيا جتي آفريقي هاٿين جي ڏندن جي مشهوري ڪئي ويندي هئي. پوليس ٻڌايو ته اها گذريل 10 سالن ۾ اسان جي قبضي ۾ آيل هاٿين جي ڏندن جي سڀ کان وڏي 3 لک ڊالرن جي ماليت جي کيپ آهي . پوليس موجب قبضي ۾ ڪيل هاٿين جي ڏندن جو وزن 250 ڪلو گرام آهي. جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته اهي هاٿين جا ڏند آفريقه مان بحري جهاز ذريعي اسمگل ڪري ٿائيليند آندا ويا هيا. ايڪسپورٽ ٿيل شين ۾ هاٿين جي ڏندن جا ٽڪڙا، تسبيح جا داڻا، زيور ۽ چاقو جا دستا شامل آهن. گرفتار ماڻهن ۾ غير قانوني قبضي ۽ محفوظ جنگلي جيوت جي عضون جي واپار جو الزام لاڳو ڪيو ويو آهي. ٿائيلينڊ جي قانون تحت ان ڏوهه جي سزا 10 سال قيد ، 10 لک ڀات ڏنڊ يا اهي ٻئي سزائون هڪ ئي وقت ٿي سگهن ٿيون.