واپار واري وفاقي وزير سان ترڪمانستان جي سفير جي ملاقات ، گڏيل سهڪار وڌائڻ تي غور ويچار

اسلام آباد _12 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ترڪمانستان جي سفير عطا جان مولاموف ملاقات ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گذريل ڏينهن ٿيل ملاقات ۾ واپار واري وفاقي وزير ۽ ترڪمانستان جي واپار واري سفير پاڻ ۾ توانائي ۽ علائقائي رابطن تي تفصيلي طور خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽گڏيل واپار۽ معاشي تعاون وڌائڻ …

اسلام آباد _12 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ترڪمانستان جي سفير عطا جان مولاموف ملاقات ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گذريل ڏينهن ٿيل ملاقات ۾ واپار واري وفاقي وزير ۽ ترڪمانستان جي واپار واري سفير پاڻ ۾ توانائي ۽ علائقائي رابطن تي تفصيلي طور خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽گڏيل واپار۽ معاشي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڄام ڪمال خان پاڪستان کي مرڪزي ايشيا لاءِ قدرتي واپاري گيٽ وي قرار ڏيندي چيو ته اسان جا بندرگاهه خطي کي عالمي مارڪيٽن سان ڳنڍڻ ۾  اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ڄام ڪمال ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري رستن ۽ ڪاروباري رابطن کي وڌيڪ فعال بڻائڻ تي زورڀريو . هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪاروباري فورمز، نمائشن ۽ چيمبر آف ڪامرس جي رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو . ترڪمانستان جي سفير علائقائي واپار ۽ رابطن لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائي سهڪار ۽ علائقائي رابطن جي منصوبن تي به ڳالهيون ڪيون . ڌرين واپار، لاجسٽڪس ۽ نجي شعبي جي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں