وفاقي گهرو وزير  پاران لڪي مروت ۾ ڌماڪي جي مذمت، شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار

اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي لڪي مروت ۾ ٿاڻي نورنگ ويجهو ڌماڪي جي پرزور مذمت ڪندي 2 ٽريفڪ اهلڪان سميت قيمتي حياتين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب گهرو وزير چيو ته اسان جون سموريون همدرديون شهيدن جي خاندان سان آهن. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوري قوم گڏ آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ …

اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي لڪي مروت ۾ ٿاڻي نورنگ ويجهو ڌماڪي جي پرزور مذمت ڪندي 2 ٽريفڪ اهلڪان سميت قيمتي حياتين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب گهرو وزير چيو ته اسان جون سموريون همدرديون شهيدن جي خاندان سان آهن. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوري قوم گڏ آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هر طبقي قربانيون ڏنيون آهن. گهرو وزير  شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

مزید خبریں