اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ حيدر سعيد جي ضمانت منظور ڪري ورتي. جسٽس شهزاد احمد ملڪ ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل ٻن رڪني بئنچ گذريل ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل علي بخاري موقف اختيار ڪيو ته ايف آءِ اي پاران قانوني گهرجون پوريون ناهن ڪيون ويون جڏهن ته سندس مؤڪل گذريل 79 ڏينهن …
سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ حيدر سعيد جي ضمانت منظور ڪري ورتي

مزید خبریں
اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ حيدر سعيد جي ضمانت منظور ڪري ورتي. جسٽس شهزاد احمد ملڪ ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل ٻن رڪني بئنچ گذريل ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل علي بخاري موقف اختيار ڪيو ته ايف آءِ اي پاران قانوني گهرجون پوريون ناهن ڪيون ويون جڏهن ته سندس مؤڪل گذريل 79 ڏينهن کان جيل ۾ آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل منور دگل ضمانت جي مخالفت ڪندي عدالت کي درخواست رد ڪرڻ جي گذارش ڪئي. ڌرين جي دليلن ٻڌڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ حيدر سعيد جي هڪ لک روپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض ضمانت منظر ڪري ورتي.











